19 جمعہ , اپریل 2019

ڪمند جي آبادگارن کي سرڪاري اگهه تي ادائيگي ڪئي وڃي: سپريم ڪورٽ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ڪمند جي آبادگارن کي سرڪاري اگهه تي ادائيگي ڪرڻ جو حڪمڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ ڪمند جي آبادگارن کي ادائيي بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. عدالت سمورن ڪين ڪمشنرن کي ادائيگي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سنڌ جي آبادگارن کي 160 رپيه في مڻ جي حساب سان ادائيگي ٿيندي.  سپريم ڪورٽ چيو ته سنڌ جي آبادگارن جي ادائيگي هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت ٿيندي. عدالت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل هڪ مهيني ۾ مقرر ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو. آبادگارن جي وڪيل چيو ته شگر ملز وارا آبادگارن سان ظلم ڪري رهيا آهن. جسٽس گلزار احمد پڇاڻو ڪيو ته ڇا شگر ملز وارا ادائيگيون نه ڪندا آهن، پوءِ آبادگار کين ڪمند ڇو ڏيندا آهن، آبادگار ڪو ٻيو فصل پوکين، عدالت نه شگر مل مالڪن ۽ نه وري ڪمند جي آبادگارن کي تنگ ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف وٺ پڪڙ جون هدايتون…

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ عطائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے