20 ہفتہ , اپریل 2019

مشهور بالي ووڊ هدايتڪار راجو هيراڻي اڄڪلهه ڪٿي ۽ ڇا ڪري رهيو آهي؟……….

Regarding not seeing the movie "Sanju" online, Rajkumar Hirani thanked the fansممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي فلم انڊسٽري جي ڪامياب هدايتڪار راجڪمار هيراڻي تي جنسي طور  هراسان ڪرڻ وارن الزامن کانپوءِ گھر تائين محدود ٿي ويو آهي. گذريل مهيني هڪ عورت اسٽنٽ ڊائريڪٽر  بالي ووڊ جي مشهور هدايتڪار راجڪمار هيراڻي تي الزام هڻندي چيو هو ته هيراڻيءَ کيس فلم ” سنجو“  جي شوٽنگ دوران 6 مهينن تائين هڪ کان وڌيڪ ڀيرا جنسي طور  هراسان ڪيو. جنهن بعد هدايتڪار راجڪمار هيراڻي اهڙن الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو هو. اهڙن الزام بعد راج ڪمار هيراڻي گھر تائين محدود ٿي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب راجڪمار هيراڻي جي پاڙيسرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جڏهن کان هيراڻي تي جنسي طور هراسان ڪرڻ جا الزام لڳا آهن. هن گھر کان ٻاهر نڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي، هو هاڻي صبح جو واڪ لاءِ به ناهي ويندو ۽ سندس وزن پڻ ڪافي گھٽجي ويو آهي، جڏهن ان واقعي کانپوءِ  ڪنهن به کيس ناهي ڏٺو، ان سموري صورتحال کي ڏسندس ائين لڳي رهيو آهي ته ڄڻ گھر ۾ نظر بند ٿي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪي اداڪار اسد عمر جي جڳهه تي ناڻي واري وزارت جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اداڪار جيريمي ميڪ ليلن اسد عمر طرفان وزارت ڇڏڻ کان پوءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے