20 ہفتہ , اپریل 2019

ڪا به ڳئون ڪنهن انسان جي ماءُ نٿي ٿي سگهي : مرڪنڊي ڪاٽجو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس مرڪنڊي ڪاٽجو هندو مذهب سان اختلافن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪا به ڳئون ڪنهن انسان جي ماتا( ماءُ ) نٿي ٿي سگهي.  اڳوڻي ڀارتي چيف جسٽس مرڪنڊي ڪاٽجو هڪ پروگرام ۾ شرڪت دوران پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ٿورو سوچو ته ڪو جانور ڪنهن انسان جي ماءُ ڪيئن ٿو ٿي سگهي، ڇا اوهان وٽ دماغ آهي، يا گند ڀريل آهي؟  هن وڌيڪ چيو ته سموري دنيا ۾ ماڻهو بيف ( ڳئون جو گوشت ) کائيندا آهن، مان پاڻ ڪيرالا ۾ ڳئون جو گوشت کاڌو آهي.  سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت ۾ اڄ به هيٺين ذات سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان تعصب وارو رويو رکيو پيو وڃي ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو به ان برائي ۾ مبتلا آهن.  هلندڙ سال جنوري ۾ به هن مودي سرڪار خلاف ڳالهائيندي لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ فسادن ڪرائڻ جي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارت ۾ انسان ڳئون جا غلام بڻجي چڪا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو… عمر ايوب وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته پاور ڊويزن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے