19 جمعہ , اپریل 2019

پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا: صادق سنجراڻي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ مضبوط لاڳاپا آهن،  اسان کي اميد آهي ته لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.  اسلام آباد ۾ تصويري نمائش جي افتتاح وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي صادق سنجراڻي چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي ڀرپور سهڪار تي ٿورائتو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ مضبوط لاڳاپا آهن. هن چيو ته  پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪيون ٿا، پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون، اسلامي ثقافت جي حفاظت ۾ سعودي عرب جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته خطي جي بهتري لاءِ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان سهڪار ڪري سگهن ٿا، سعودي شوريٰ جي وفد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي، پاڪستاني عوام سعودي عرب جي سيڙپڪاري تي خوش آهن. صادق سنجراڻي چيو ته اسان کي اسلامي فوجي اتحاد کي ساراهڻ گهرجي، سعودي عرب ان جي شروعات ڪئي اسان کي اميد آهي ته گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف وٺ پڪڙ جون هدايتون…

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ عطائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے