16 ہفتہ , فروری 2019

پي ايس ايل 4: ٽرافي جي مهورتي تقريب…..

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي ٽرافي جي مهورتي تقريب ٿي گذري آهي. ايونٽ ۾ شامل سموريون ٽيمن جي ڪپتانن پي سي بي چيئرمين احسان ماني ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيم خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي.  ان موقعي تي احسان ماني چيو ته پاڪستان سپر ليگ جو هنيئر تائين جو سفر شاندار رهيو آهي، ايونٽ جي ڪاميابي ۾ فرنچائز مالڪن، اسپانسرن ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪردار رانديگرن ادا ڪيو .  هن چيو ته 3 سالن ۾ پاڪستان سپر ليگ پاڪستان جو قومي فخر بڻجي چڪي آهي، ان ليگ جو مقصد نوجوان رانديگرن کي پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جو موقعو ڏيڻ آهي. پي ايس ايل ٽرافي جي پاڪستان جي ثقافت ۽ روايتن سان گڏ ان جي مستقبل جي عڪاسي آهي.  ياد رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي افتتاحي تقريب 14 فيبروري تي دبئي ۾ ٿيندي، پهرين ميچ ۾ دفاعي چيمپئين اسلام آباد يونائيٽڊ لاهور قلندرز سان مهاڏو اٽڪائيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پلواما حملي جو فائدو ڪنهن کي پهتو، فواد چوڌري ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے