16 ہفتہ , فروری 2019

جنگ ۾ عورت فوجين جو انگ وڌي ويو…. اهم خبر

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان گڏيل قومن جي امن فوج ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ وارين عورت اهلڪارن جي انگ ۾ واڌ ڪئي وئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي ڊاڪٽر مليحا لوڌي امن آپريشنز بابت خاص ڪميٽي سان خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي امن دستن ۾ عورت فوجين جو انگ وڌائي 15 سيڪڙو ڪيو آهي، پاڪستاني جوجي دستا گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ وارين ڪوششن ۾ سڀ کان اڳڀرو رهي آهي ۽ عورت اهڪار مختلف ملڪن ۾ فوجي مبصرن ۽ اسٽاف آفيسرن جا فرض سرانجام ڏئي رهيون آهن.مليحا لوڌي ٻڌايو ته پاڪستان گڏيل قومن جي فوجي مبصر گروپ سان سدائين سهڪار ڪيو آهي ۽ رڳو 15 مهينن ننڍي عرصي ۾ عورتن جو انگ ٻڙي کان 15 سيڪڙو تائين ڪندي گڏيل قومن جي مشنز ۾ عورتن جي شموليت جو هدف حاصل ڪري ورتو آهي. مليحا لوڌي چيو ته گڏيل قومن کي امن مشنز جي مقرر بجٽ ۾ گھٽتائي نه ڪرڻ گھرجي، ڇو جو ان سان امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي ناڪاري اثر پوندا، گڏيل قومن کي امن مشنز ۾ فوجي دستا مولڻ واري ملڪن جي تجربن مان فائدو وٺڻ گھرجي.مليحا لوڌي ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي مبصر گروپ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ پنهنجي حمايت واعدو ڪندي چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي اختيار تي عمل ڪرائڻ لاءِ سدائين پنهنجون ذميواريون نڀايون آهن، لائن آف ڪنٽرول تي جنگ بندي جي نگراني جي مشن کي فعال بڻائڻ جي به ضرورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهزادي محمد بن سلمان جي پاڪستان دوري جون تاريخون تبديل….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پاڪستان جي دوري جون تاريخون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے