22 پیر , اپریل 2019

باربي ڊول ڪترينا ڪيف شادي واري معاملي تي ڇا ٿي چوي؟……

ممبئي (شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي باربي ڊول ڪترينا ڪيف،   انوشڪا شرما، دپيڪا پڊوڪون ۽ پريانڪا چوپڙا جي شادين تي پنهنجو رد عمل ڏيندي چيو آهي ته مونکي اڪيلو نه ڇڏيو. بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف فلم فيئر پروگرام ” فيملي فلم فيئر“  ۾ شرڪت ڪئي جتي ميزبان کائنس سوال ڪيو ته بالي ووڊ ۾ ادڪارائن جي شادين جو سيزن هلي رهيو آهي، پهريان انوشڪا شرما ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ورات ڪوهليءَ سان ۽ گذريل سال دپيڪا ۽ پريانڪا به شادي ڪئي، اوهان جو ان بابت ڇا خيال آهي. جنهن تي ڪترينا ڪيف پنهنجي ساٿي اداڪارائن جي شادي تي پنهنجو ردي عمل ڏيندي چيو آهي ته سڀ ادڪارائون شادي ڪري رهيون آهن، سڀني ساٿي اداڪارائن کي چوڻ چاهيديس ته مون لاءِ ترسو مون کي پوئتي نه ڇڏيو. ڪترينا جي جواب مان اهو ظاهر ٿيِ رهيو آهي ته جيئن هو به شادي ڪرڻ لاءِ بي چين آهي ۽ پنهنجي هم عمر اداڪارائن جيان شادي ڪرڻ چاهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ناليواري ڳائڻي ايڊيل مڙس کان ڌار ٿي وئي

لنڊن (شوبز نيوز) برطانيا جي مشهور ڳائڻي ايڊيل پنهنجي مڙس سيمون ڪونيڪي سان عليحدگيءَ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے