16 ہفتہ , فروری 2019

بالي ووڊ جي ناليواري اداڪار اداڪاري کان انڪار ڪري ڇڏيو….

ممبئي (شوبز نيوز) فلم ”پدماوت“ ۾ علاءُالدين خلجي جو ولن ڪردار ادا ڪرڻ واري بالي جي نالي واري اداڪار رنوير سنگهه وڌيڪ ولن جا ڪردار ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب رنوير سنگھه کي ڪرن جوهر جي فلم “تخت” ۾ مغل شهنشاهه اورنگزيب جو ولن وارو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي پر رنوير سنگهه اهو چئي ان ڪردار کي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ته ولن جا ڪردار هن جي ذهن تي بري طريقي اثر انداز ٿيندا آهن ان ڪري هو هاڻي وڌيڪ ولن جا ڪردار نه ڪندو. واضح رهي ته فلم “پدماوت” ۾ رنوير سنگهه علاءُالدين خلجي جو ولن وارو ڪردار ادا ڪيو هو جنهن تي هن جي گھڻي ساراهه ڪئي وئي هئي پر هن وڌيڪ  اهڙا ڪردار ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته علاءُالدين خلجي جو رول ڪرڻ بعد هن جي ذهن تي خراب اثر پيو هو ۽ هن پاڻ کي دنيا کان ڪٽي 21 ڏينهن تائين پنهنجي ڪمري ۾ بند ڪيو هو تنهنڪري هو وڌيڪ اهڙا رول نه ڪندو. اهو ئي سبب آهي ته رنوير ڪرن جوهر جي فلم “تخت” ۾ اورنگزيب بدران شهنشاهه شاهه جهان جي وڏي پٽ دارا شيکو جو ڪردار ڪرڻ جي هامي ڀري آهي جيڪو اورنگزيب جي مقابلي هاڪاري ڪردار آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فلم “گلي بواٰءِ” کي وڏو ڌچڪو……..؟

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪارا رنوير سنگھه ۽ عاليا ڀٽ جي فلم ريليز ٿيڻ کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے