16 ہفتہ , فروری 2019

دٻي ۾ پيڪ کاڌو صحت هاڃيڪار يا فائديمند…. ماهرن آگاهه ڪري ڇڏيو

پيرس(ويب ڊيسڪ) اسان مان گھڻا ماڻهو بازار مان دٻي ۾ بند ٿيل شيون خريد ڪري کائڻ پسند ڪندا آهن، گھر ۾ پچائڻ جي محنت ۽ وقت بچائڻ لاءِ بازار مان اهڙيون شيون خريد ڪيون وينديون آهن جيڪي بلڪل تيار هجن ۽ جنهن کي فرائي ڪري کائي سگھجي. ڇا توهان جي ڳڻپ به اهڙن ماڻهن ۾ ٿيندي آهي جيڪي دٻي ۾ بند کاڌن جا شوقين آهن؟ ته پوءِ اڄ ان جو خطرناڪ نقصان ڄاڻي وٺو. فرانس ۾ ڪيل هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته دٻن ۾ بند پروسيسڊ ٿيل کاڌا وقت کان اڳ موت جو خطرو وڌائيندا آهن. ان تحقيق لاءِ هزارين فرانسيسين جي کائڻ پيئڻ جي عادتن جو جائزو ورتو ويو. ماهرن ڏٺو ته اهي ماڻهو جيڪي دٻي ۾ بند کاڌا کائڻ جا عادي هئا اهي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي وقت کان موت جو خطرو مليو. ان کان اڳ جاچ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پروسيسڊ شده کاڌا مخلتف بيمارين کي جنم ڏيندا آهن. ماهرن موجب سپرمارڪيٽن ۾ محفوظ ڪيل پيڪٽ وارين شين جنهن ۾ گوشت کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ لوڻ لڳائي محفوظ ڪيو ويندو آهي. اهو لوڻ شين جزن سان ملي خطرناڪ صورت اختيار ڪري ويندو آهي ان لاءِ وڌيڪ گڏيل تحقيق جي ضرورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خواجه سعد رفيق جي ڄنگهه جو سور وڌي ويو…………….

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے