16 ہفتہ , فروری 2019

ماهرن اسمارٽ بسترو به تيار ڪري ورتو….

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن اهڙو سمارٽ بسترو تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن جيڪو نه رڳو پاسو مٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو پر بستري تان ڪرڻ ۽ گڏ سمهندڙ ٻن ماڻهن کي مخصوص هنڌ تائين محدود رکي سگھي ٿو. انسان ننڊ جي معاملي ۾ نهايت عجيب آهي، گوگھرن واري ننڊ هجي يا سموري بستري تي ليٽڻ واري عادت، حضرت انسان بلڪل الگ نظر ايندا آهن ۽ ڪٿي ته هڪ بستري تي سمهيل ٻه ماڻهو سموري رات هڪ ٻي جون لتون کائيندي گذاريندا آهن. ٻئي پاسي اهڙا مريض جيڪي فالج يا ڪنهن عضون واري مرض ۾ مبتلا ٿيڻ سبب پاسو مٽائڻ لاءِ لاچار هوندا آهن هنن کي بيڊ سول کان بچائڻ لاءِ هر هر پوزيشن تبديل ڪرڻي پوندي آهي جنهن لاءِ هڪ مددگار شخص جي هر وقت ضرورت هوندي آهي. آمريڪي سائنسدانن انساني “عادتن” ۽ بيماري جي صورت ۾ “ضرورت” کي نظر ۾ رکندي هڪ اهڙو “سمارٽ بيڊ” تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن جنهن ضرورت جي حساب سان پروگرامنگ سيٽ ڪري استعمال ڪري سگھجي ٿو. ان بيڊ ۾ موجود پروگرامن تحت بيڊ تي بارڊر لائن به ٺاهي وئي آهي جنهن سان هڪ حصي ۾ سمهيل شخص ٻي شخص تي نٿو ڪري سگھي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب جي عورتن جي چوڪيداري ڪرڻ واري موبائل ايپ………….

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ هڪ تڪراري ايپ استعمال ڪئي پئي وڃي جنهن ذريعي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے