16 ہفتہ , فروری 2019

اين آر او ون ۽ اين آر او ٽو کان پوءِ ماڻهن جو خوف ختم ٿي ويو….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان پاڪستان ريلوي لائيو ٽريڪنگ سستم اوٿل ايڪسپريس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب وزير اعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ وزير اعظم عمران خان، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد سميت ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. افتتاحي تقريب کي خطاب ۾ وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ترين جي ذريعي عام ماڻهو سفر ڪندو آهي ۽ ٽريڪنگ سسٽم سان ريلوي مسافرن لاءِ آساني ٿيندي. هن چيو ته حڪومت ۾ 6 مهينن کان آهيون ۽ نئين پاڪستان ۾ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ چاهيون ٿا، پهرين سي پيڪ هڪ روڊ ۽ چار پاور اسٽيشنن جو نالو هو پر هاڻ چين سان ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪم ڪنداسين. وزير اعظم جو ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد کي مخاطب ڪندي چوڻ هو ته ريلوي ۾ جيڪا ڪرپشن ۽ چوري ٿي ان جا ڪيس نيب ڏانهن موڪليو. هن چيو ته اين آر او ون ۽ اين آر او ٽو کان پوءِ ماڻهن جو خوف ختم ٿي ويو. هن چيو ته ماضي جي حڪومت جي ورتل قرضن جي ڪري اسان جي حڪومت هڪ ڏينهن ۾ وياج 6 ارب رپيا ادا ڪري رهي آهي ۽ قرضن جي قسط الڳ ڏئي رهيا آهيون. وزير اعظم عمران خان شيخ رشيد کي هدايت ڏيندي چيو ته ريلوي ۾ وڌيڪ خرچ گهٽ ڪيو ۽ سمورين وزارتن کي چيو آهي هو پنهنجا خرچ گهٽ ڪن. هن چيو ته گيس سيڪٽر تي 157 ارب رپين جا قرض آهن ۽ 500 رپين جي سالياني گيس جي چوري آهي ان ڪري گيس جا اگهه نه وڌايا ته گيس ڪمپنيون بند ٿي وينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان حڪومت غريبن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي……….

ڪنڌڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سليڪٽ ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے