16 ہفتہ , فروری 2019

ڪراچي پوليس جو هڪ ٻيو وحشي پڻو سامهون اچي ويو….

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهر ۾ پوليس جي نااهلي جو هڪ ٻيو واقعو سامهون اچي ويو، پليس اهلڪار جوابدار کي زخمي ڪري ويڊيو بڻائي ۽ ڪمنٽري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو. تفصيل موجب ڪراچي پوليس جي هڪ اهلڪار حيوانيت جي انتهائي ڪري ڇڏي، مبينا جوابدار کي زخمي ڪرڻ بعد اسپتال پهچائڻ بدران سندس ويڊيو بڻائڻ لڳو. ڪراچي جي علائقي پير آباد، قصبه ڪالوني ۾ جوابدار مبينا پوليس مقابلي ۾ زخمي ٿي تڙپندو رهيو. معاملي تي ايس ايس پي ويسٽ شوڪت کٽيان عجيب ۽ غريب موقف اختيار ڪندي چيو ته زخمي جوابدار جي ويڊيو بڻائڻ جو مقصد ثبوت محفوظ ڪرڻ هو. ويڊيو بڻائڻ بعد پوليس اهلڪارن ايمبولينس گهرائي جوابدار عادل کي بروقت اسپتال پهچايو، پر اهلڪارن جي غفلت سبب زخمي جوابدار جي سر کي خطرو به ٿي پئي سگهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پلواما حملي جو فائدو ڪنهن کي پهتو، فواد چوڌري ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے