16 ہفتہ , فروری 2019

سعيد غني ۽ ناصر شاهه جو اوچتو دورو….

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي بلديات واري وزير سعيد غني ۽ ٻيلن واري وزير ناصر حسين شاهه جو ڪلفٽن جي شهيد بينظير ڀٽو پارڪ جو اوچتو دورو ڪيو. صوبائي وزيرن سان گڏ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ڄام مدد علي، ڊي جي ڪي ڊي اي ۽ ٻيا اعليٰ اختياريون به موجود هيون. سنڌ جي بلدياتي وزير پارڪ جي جاري مرمتي ڪمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي سعيد غني چيو ته پارڪ ۾ عوام کي سٺي ۽ بهتر تفريح فراهم ٿي ان ڪري بندوبست کي يقيني بڻايو ويندو ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا پارڪ کي تقريبن لاءِ ڏيڻ سبب انهن جي حالت خراب ٿي ان ڪري هاڻي پارڪ کي ڪنهن به ڪمرشل ايونٽ تي نه ڏنو ويندو پارڪ ۾ ڪنهن قسم جي اينٽري فيس وصول نه ڪئي وڃي ۽ ان ۾ مفت اچڻ ڏنو وڃي. پارڪن ۾ خوبصورتي جو خاص خيال رکيو وڃي ان ۾ لڳايا ويندڙ ٻوٽا انساني صحت موجب هجن. جڏهن ته ٻيلن واري صوبائي وزير سيد ناصر شاه چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي مختلف پارڪن جا مرمتي ڪم شروع ڪري رهي آهي. صوبي جي عوام کي صاف سٿري ۽ مفت تفريحي سهولتن جي فراهمي لاءِ سڀئي بندوبست ڪري رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان شاگردياڻي ناسا …….. لاءِ چونڊجي وئي؟

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي خلائي ايجنسي ناسا انٽرنشپ پروگرام لاءِ پاڪستان جي 12 سالن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے