19 جمعہ , اپریل 2019

نتيجا سامهون اچڻ لڳا آهن… عمران خان وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ معاشي مضبوطي لاءِ کنيل قدمن جا مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته معاشي مضبوطي لاءِ کنيل قدم جي ڪري جنوري 2018ع جي ڀيٽ ۾ هن سال جنوري 2019ع ۾ درآمدات ۾ گهٽتائي ۽ برآمدات ۾ واڌ جو رجحان آهي جڏهن ته واپاري خساري ۾ 1 ارب ڊالرن جي واضح گهٽتائي آئي آهي. وزير اعظم وڌيڪ چيو ته سروسز ٽريڊ جو خسارو به 80 ڪروڙ گهٽ ٿيو آهي. عمران خان چيو ته پرڏيهي کاتن جي صورتحال ۾ واضح بهتري به اسان جي معاشي حڪمت عملي جي ڪاميابي جو دليل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف وٺ پڪڙ جون هدايتون…

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ عطائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے