19 جمعہ , اپریل 2019

سامونڊي بيلٽ تي سياحتي مقصد لاءِ سيڙپڪاري ڪري سگھجي ٿي….

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گورنر سنڌ عمران اسمائيل چيو آهي ته پاڪستان هڪ اڀرندڙ معيشت آهي، پاڪستان ۾ ميري ٽائم، ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. پاڪستان جي سامونڊي بيلٽ تي سياحتي مقصد لاءِ سيڙپڪاري ڪري سگھجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيدرلينڊ ميري ٽائم ٽريڊيشن جي اعزاز ۾ ڏنل استقاب سان گورنر سنڌ عمران اسمائيل خطاب ڪندي ڪيو. ميري ٽائم جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال اهميت رکي ٿو. ملڪي سطح تي وفد جي ڏي وٺ سان ٻه طرفا لاڳاپن ۾ هاڪاري ۽ اثرائتي بهتري آڻي سگھجي ٿي. گورنر سنڌ چيو ته پاڪستان هڪ اڀرندڙ معيشت آهي. پاڪستان ميري ٽائم، فشريز، ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. پاڪستان جي سامونڊي بيلٽ تي سياحتي مقصد لاءِ سيڙپڪاري ڪري سگھجي ٿي. سيڙپڪاري، سماجي، معاشي، اقتصادي ۽ راندين جي سرگرمين ۾ واڌ ٿي رهي آهي. سيڙپڪاري جي رجحان کي هٿي ڏيڻ لاءِ ويزا پاليسي ۾ تبديلي ڪئي. حڪومت 89 ملڪن کي پاڪستان ۾ ويزا فري اينٽري ڏي ان موقعي تي نيدرلينڊ جي سفير چيو ته نيدرلينڊ پاڪستان انتهائي ويجها دوست آهن. ڊچ حڪومت ٻه طرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڏي هٿي ڏيڻ جي خواهشمند آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف وٺ پڪڙ جون هدايتون…

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ عطائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے