16 ہفتہ , فروری 2019

ڪراچي جي مسئلن جو حل سامهون اچي ويو…..

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ميئر ڪراچي وسيم اختر چيو آهي ته جيستائين ڪراچي جا شهري ادارا ۽ وسيلا ميئر جي ماتحت ۽ هڪ ڇت هيٺان نه هونداق شهر جا بنيادي مسئلا حل نه ٿي سگھندا. ڪراچي جا مسئلا حل نه ٿيا ته پاڪستان ترقي نه ڪري سگھندو. ايس ايل جي اي 2013 کان پوءِ شهر جو 22 سيڪڙو علائقو به ميئر ڪراچي وٽ نه آهي.قانون موجب شهرين جي گھڻا بنيادي مسئلن جو واسطو ميئر ڪراچي سان رهيو ئي ناهي ڊي ايم سي يا سنڌ حڪومت ان جي ذميوار آهي. جيڪڏهن ڪو اهو سمجهي ٿو ته وفاقي يا صوبائي حڪومت شهر جا بنيادي مسئلا حل ڪري سگھي ٿي ته اهو ممڪن نه آهي. ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ انڊسٽري ڪاٽي (katti) جي صنعت ڪار ملڪ کي جيڪو ڏئي رهيا آهن ان جي ڀيٽ ۾ ان علائقي جي مسئلن جي حل تي ڌيان ناهي ڏنو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خواجه سعد رفيق جي ڄنگهه جو سور وڌي ويو…………….

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے