19 جمعہ , اپریل 2019

سنڌ سان وفاق ويڳي ماءُ جهڙو سلوڪ…..  پ پ اڳواڻ وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بيرسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته سنڌ سان وفاق ويڳي ماءُ جهڙو سلوڪ ڪري رهيو آهي. گيس جي خطرناڪ بحران سنڌ جي معيشت کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف جمهوريت واري معاهدي کي ٻهير پڙهي. ميثاق جمهوريت ئي پاڪستان جي استحڪام جو مسودو آهي. بيرسٽر مرتضٰي وهاب ميڊيا کي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته حقيقي جمهوريت ئي پاڪستان جي بقا جو ضامن آهي. تحريڪ انصاف ڪجهه جي اقتدار لاءِ جمهوريت کي داوءَ تي نه لڳائي. ملڪ جون سڀئي سياسي قوتن کي جمهوريت لاءِ هڪ پيج تي اچڻ جي ضرورت جمهوري بندوبست کي پامال ڪرڻ رياست کي ڪمزور ڪرڻ برابر آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي اڃ به سياسي قوتن جي گڏ ٿيڻ لاءِ خواهشمند آهيون ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ معيشت جي صورتحال جو گراف خطرناڪ حدن کي ڇڏي رهيو آهي. پاڪستان جي اقتصادي حالت زبون حالت جو ذميوار ڪير آهي؟ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ ڏيهون ڏينهن گھٽتائي سان ملڪ جو معاشي ڍانچو ڪمزور ٿي چڪو آهي. سنڌ ۾ گيس جي لاڳيتو بندش سان ملڪ جي معيشت جو ڦيٿو رڪڻ جي ويجهو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف وٺ پڪڙ جون هدايتون…

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ عطائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے