16 ہفتہ , فروری 2019

ڪراچي ۾ رينجرز جون ڪارروائيون، هٿيار ۽ منشيات هٿ، ڪيترائي ڄڻا گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان رينجرز سنڌ شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪاروايون ڪندي 18 جوابدارن کي گرفتار ڪري غير قانوني هٿيار، ايمونيشن، ۽ منشيات نٿ ڪري ورتي آهي. رينجرز ترجمان موجب مدينا ڪالوني، سعيد آباد ۽ بغدادي جي علائقن ۾ ڪاوائين دوران 3 جوابدارن محمد زوهيب عرب ديدا، عبيدالرحمان ۽ شيراز احمد کي گرفتار ڪيو ويو، جن جو واسطو لياري گينگ وار سان آهي. جوابدار ڀتا خوري، ڌاڙن ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث آهن. رينجرز مدينا ڪالوني، سعيد آباد، بلديا ٽائون، فيروز آباد، ڪلاڪوٽ، نبي بخش ۽ گارڊن جي علائقن مان 11 جوابدارن ساجد، محمد عامر شاهه، عمران عرف شاڪا، اويس احمد عرف فيض، محمد شعيب، علي، اسد بيگ عرف عيفي، فياض علي، شهباز، محمد بلال عرف انور ۽ محمد ارسلان عرف پائليٽ کي گرفتار ڪيو آهي جيڪي شهرين کان لٽمار، ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ انور مجيد، حسين لوائي ۽ طحهٰ رضا جي درخواست تي ٻڌڻي….

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ انور مجيد، حسين لوائي، طٰاحه رضا جي درخواست …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے