19 جمعہ , اپریل 2019

رپورٽ :ٽنڊو غلام حيدر: پوليس ڪنهن کي پئي ڏئي تحفظ؟ ڳوٺاڻن جو اهم انڪشاف

ٽنڊي غلام حيدر ۾ پوليس جي لاپرواهي سبب چورن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ منجي ڪولهي ۾ اڻڄاتل چوري پورهيت شملو ڪولهي جي گهر مان 5 ٻڪريون ڪاهي فرار ٿي ويا.

متاثر دانهيندي چيو ته چوري واقعي خلاف پوليس کي دانهن ڏني پر پوليس چورن خلاف قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي.

ڳوٺاڻن الزام هڻندي چيو ته چورن کي پوليس جي سرپرستي حاصل هئڻ ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي.

هنن چيو ته پوليس چورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران تحفظ ڏئي رهي آهي جنهن ڪري رهواسين عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آهن

احتجاج ڪندڙن گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري متاثرن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي…………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سجاول: جوابدارن پورهيت جو ڌڙ سسيءِ کان ڌار ڪري ڇڏي

سجاول ويجهو جوابدارن پورهيت جو ڌڙ سسيءِ کان ڌار ڪري ڇڏي. ڳوٺ فتح محمد سومرو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے