16 ہفتہ , فروری 2019

ڪراچي ۾ پوليس اهلڪار مارجي ويو….

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي پراڻي گوليمار ۾ منشيات فروشن طرفان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو. پوليس موجب واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن پوليس ۽ منشيات فروشن جي وچ ۾ مقابلو جاري ٿيو جنهن دوران جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار محمد فاروق سخت زخمي ٿي پيو. پوليس موجب زخمي پوليس اهلڪار کي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو علاج دوران ئي فوت ٿي ويو. پوليس شڪ جو اظهار ڪيو ته لياقت آباد جي رهواسي اهلڪار تي فائرنگ لياري گين وار جي ڪارندن ڪئي، اهلڪار پراڻي گوليمار جي تنگ گهٽين ۾ موٽر سائيڪل تي گشت ڪري رهيو هو.  آءِ جي سنڌ به فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ويسٽ کي معاملي جي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پوليس اهلڪار محمد فاروق ڏيڍ سال کان پاڪ ڪالوني ٿاڻي ۾ مقرر هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان حڪومت غريبن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي……….

ڪنڌڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سليڪٽ ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے