16 ہفتہ , فروری 2019

وزير اعظم ڪريڪ ڊائون جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو….

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان گيس بحران جي ڪري گيس چورن خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. تفصيلن موجب وزيراعظم عمران خان هي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ گيس جي قلت جي سببن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ وزيراعظم گيس جي چوري خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان کي ملڪ ۾ گيس جي فراهمي جي موجودا صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ترت 200 ايم ايم سي ايف ڊي گيس وڌيڪ گھرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.وزيراعظم کي اجلاس ۾ گيس جي سپلائي ۽ ڊيمانڊ ۾فرق سان به تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو، اجلاس ۾ اسد عمر، غلام سرور، فواد چوڌري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سوئي گيس ڪمپنين جي سربراهن ۽ صلاحڪارن به اجلاس۾ شرڪت ڪئي، بريفنگ ۾ چيو ويو ته 91 سيڪڙو واهپيدارن کي گيس جي مد ۾ 100 سيڪڙو سبسڊي ڏني پئي وڃي. وزيراعظم کي ڏنل بريفنگ ۾ اهو به چيو ويو ته گيس جي چوري سبب ٿيل نقصانن جو بار به واهپيدارن تي وڌو پيو وڃي. وزيراعظم کي گيس جي بلن ۾ واڌ جي شڪايت تي به بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ۾ چيو ويو ته امپورٽڊ گيس مهانگوخريد ڪرڻ جي معاهدن جي ڪري اگھن ۾ واڌ ٿي، گيس بلن ۾ ٻارنهن کان پنجٽيهه سيڪڙو واڌ ڪئي وئي، بلن ۾ واڌ جو بار ڏهه سيڪڙو گھٽ واهپيدارن تي وڌو ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم گھريلو واهپيدارن کي گيس بلن ۾ واڌ جو نوٽيس وٺندي پيٽروليم وزير کي فوري طور تي انڪوائري جي هدايت ڪئي هئي ۽ چيو ويو هو ته عوام تي گيس جي اگھن جو واڌارو بار وجهڻ غير مناسب آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان شاگردياڻي ناسا …….. لاءِ چونڊجي وئي؟

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي خلائي ايجنسي ناسا انٽرنشپ پروگرام لاءِ پاڪستان جي 12 سالن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے