14 بدھ , نومبر 2018

قنديل بلوچ هٿان وائکي ٿيل ملائيت ۽ اويس شاهه جو اغوا

(ڪراچي رپورٽ) مذهبي ٺيڪيدارن وٽ ٻٽا معيار آهن، عورتن جي سماجي ۽ معاشي برابري خلاف بل پيش ڪندڙ هوٽل جي ڪمرن ۾ ماڊل گرل قنديل بلوچ سان گڏ سيلفيون به ڪڍرائن ٿا. مذهب کي ڪاروبار طور هلائيندڙ دين جي صحيح نموني تشريح نٿا ڪري سگهن .عورتن خلاف ڪفر جون فتوائون ڏيندڙن خلاف به فتوائون جاري ٿيڻ گهرجن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پٽ اويس شاه جو اغوا ٿيڻ سنڌ حڪومت کي گهر موڪلڻ جي سازش به ٿي سگهي ٿي. انصاف فراهم ڪندڙ ادارا خود انصاف جا طلبگار بڻجي چڪا آهن. اهڙو اظهار عوامي آواز ٽي وي جي اسد چانڊيو جي ميزباني ۾ ٿيندڙ پروگرام ٽيون رخ ۾ سينيئر قانوندان غلام مصطفي لاکي ۽ سينيئر صحافي محمد يونس مهر ڪيو. سينيئر وڪيل غلام مصطفي لاکي چيو ته عورتن جي حوالي سان مذهبي ٺيڪيدارن وٽ ٻٽا معيار آهن.هڪ طرف اسلامي نظرياتي ڪائونسل عورتن جي سماجي ۽ معاشي برابري جي خلاف بل پيش ڪن ٿا ،جيڪي عورت ۽ مرد جي گڏيل تعليمي نظام کي هڪ بل وسيلي رد ڪن ٿا، پر اهي ئي ساڳيا مذهبي عالم هوٽل جي ڪمرن ۾ ماڊل گرل قنديل بلوچ سان گڏ سيلفيون به ڪڍرائن ٿا.اهڙن ٻٽن معيارن جي ڪري ئي سماج ۾ غلط لاڙا پيدا ٿين ٿا. مذهب جي تشريح ڪندڙ مذهب کي ئي پنهنجن مفادن خاطر پنهنجي حمايت ۾ ئي استعمال ڪن ٿا.مذهب کي ڪاروبار طور هلائيندڙ دين جي تشريح ڪئين ڪري سگهن ٿا.انهن وٽ ڪو به اختيار ناهي ته هو مذهب کي پنهنجي نفعي ۽ نقصان طور استعمال ڪن.نظرياتي ڪائونسل جو وجود غير ضروري آهي.جنهن جو مذهبي تعليم سان ڪو واسطو ناهي.مذهبي ڪٽرپڻي جي خاتمي لاءِ رياست کي سيڪيولر ٿيڻو پوندو. اسمبلي ۾ بجيٽ تي ڳالهائڻ بدران بيت پڙهيا پيا وڃن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پٽ اويس شاه جو اغوا ٿيڻ سنڌ حڪومت کي گهر موڪلڻ جي سازش به ٿي سگهي ٿي.اويس شاهه جي اغوا کان پوءِ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا.چونڊيل حڪومتن کي مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ۾ دٻاءِ زريعي گهر موڪلڻ جو تياريون ٿي رهيون آهن. سينيئر صحافي محمد يونس مهر چيو ته سنڌي ماڻهو سنڌو ماٿري جي تهذيب سان واسطو رکن ٿا. جن دنيا جي ٻين تهذيبن جي جوڙ جڪ ۾ مدد ڪئي.هر تهڊيب ۽ ثقافت جا معيار الڳ الڳ هوندا آهن.مولانا شيراني پنهنجي قبائلي سوچ جو اظهار ڪري عورتن جي برابري کي رد ڪيو. جيڪي عورت مخالف نظريو رکن ٿا يا عورت جي برابري واران حقن کي تسليم ڪرڻ بجاءِ هٿرادو بل پيش ڪيا وڃن ٿا.جيڪي سماج جي عام عورتن خلاف ڪفر جون فتوائون ڏيندڙن خلاف به فتوائون جاري ٿيڻ گهرجن. سنڌ جي سيڪولر ثقافت عورتن جي برابري جي قائل آهي.ٻهراڙي جي عورت کي تعليم ڏني وڃي ته معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي سگهي ٿي.مذهب جو حڪومتي ڪارنهووار سان ڪو به واسطو نه هجڻ گهرجي.رياستن جو بنيادي ڊانچو سيڪيولر هجڻ گهرجي. رياست ۾ سڀني مذهبن جي گڏيل نمائندگي هجڻ گهرجي.۽ برابري جا حق حاصل هجن.جيستائين رياست سيڪيولر نه ٿيندي تيستائين عام ماڻهن کي سندن بنيادي حق نه ملي سگهندا. چيف جسٽس جي پٽ جو اغوا ٿيڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ سواليه نشان آهي.انصاف فراهم ڪندڙ ادارا خود انصاف جا طلبگار بڻجي چڪا آهن.جهموريت خلاف ڪم ڪندڙ سنڌ حڪومت جي خلاف ڪم ڪري رهيا آهن.ڪراچي آپريشن کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر ڪراچي جون حالتون خراب ڪيون پيون وڃن.پيپلز پارٽي جي خراب قيادت هجڻ باوجود پ پ پ مخالف حڪومت کي ڪيرائڻ ۾ ناڪام ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے