16 اتوار , دسمبر 2018

مشرف بابت فيصلي سان جمهوريت جي بيوسي ظاهر ٿي، نظريه ضرورت زنده ٿي ويو: قانوندان

Pervez-Musharafڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل ) قانون جي ماهرن جو چوڻ آهي ته مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ سان ثابت ٿي ٿو ته سويلين حڪمران ڪيترا بيوس آهن .مشرف جي پرڏيهه وڃڻ سان نظريه  ضرورت زنده ٿي ويو آهي . آمريت مضبوظ ٿي وئي آهي .آرٽيڪل 6 تي ملي ڀڳت ڪئي وئي آهي ناليواري وڪيل مولوي اقبال حيدر چيوته پاڪستان ۾ واحد مان هئس جنهن مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڏني هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ مضبوظ دليل نه ڏنا ويا آهن ،ان چيو ته مون تي سپريم ڪورٽ ۾ اچڻ تي هڪ ڏينهن اڳ پابندي لڳائي هئي، ايڊووڪيٽ فاروق احمد چيو ته مشرف کي پرڏيهه جي اجازت ڏيڻ غلط آهي .مشرف واپس نه ايندو هن جي ذميواري حڪومت جي آهي .ڪراچي بار جي اڳواڻ صدر بئريسٽر صلاح الدين  چيو ته حڪومتي فيصلو غلط آهي .ايان علي کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه آهي پر سنگين ڏوهه ۾ ملوث آمر کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڌني وئي .ايڊووڪيٽ نعيم ملڪ چيو ته فيصلو آئين ۽ قانون جي مطابق آهي ڇو ته هن تي ڏوهه ثابت نه ٿيو آهي . .ايڊووڪيٽ شجاع احمد چيوآهي ته حڪومت تي اعتماد نه هجڻ جي ڪري عدالتن جو رخ ڪيو ويندو آهي بيريسٽر غلام مصطفيٰ مهيسر چيو ته هن فيصلي سان قانون ۽ جمهوريت جو قتل ٿيو آهي . ايڊووڪيٽ اشفاق چيو ته هن فيصلي جا نتنجا غلط نڪرندا .عام ماڻهو کي عدالتن تان اعتماد ختم ٿي ويندو . ياسين آزاد چيوته مشرف قانون جي بالادستي قبول نه ڪئي نه هو عدالتن ۾ پيش ٿيو، بئريسٽر ضمير گهمرو چيو آهي ته نظريه ضرورت زنده ٿي ويوآهي .پاڪستان ۾ قانون ۽ آئين جي بالادستي نه آهي .جيڪڏهن  بلوچ يا سنڌي آئين جي خلاف وزري ڪري ها ته هن کي ڦاسي ڏني وڃي ها .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ گئس بندش خلاف احتجاج، عمران خان انڊي وارو آهي: سعيد غني

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني وزير اعظم عمران خان جو نالو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے