15 ہفتہ , دسمبر 2018

اسلام کان سواءِ ٻيا مذهب جن ۾ روزا رکيا ويندا آهن..؟!

2014_tea_1_innerbigلنڊن (ع آ نيوز) رمضان شريف جو ٻيون ڏهو شروع ٿي ويو آهي ۽ سڄي دنيا جا مسلمان روزا رکي رهيا آهن، پر دنيا ۾ اسلام کان سواءِ ٻيا به اهڙا مذهب آهن جيڪي پنهنجي پيروڪارن کي مختلف مذهبي ڏينهن دوران روزا رکڻ جي تلقين ڪندا آهن. اسلام کان سواءِ ٻيا ڇهه مذهب اهڙا آهن جن جا مڃيندڙ روزا رکندا آهن. يهودي: يهوديت ۾ ”يوم ڪپر“ يا ”يومِ ڪفارا“ کي روزي جي ڏينهن طور ياد ڪيو ويندو آهي. ان کان سواءِ يهودي ڪئلينڊر ۾ ڇهه وڌيڪ ورزا به شامل آهن جن ۾ ”تشابائو“ جي ڏينهن جو به روزا شامل آهن. ان ڏينهن يروشلم ۾ يهودين جي خدائن کي تباهه ڪيو ويو هو. ٻُڌ مَت: ٻُڌ مَت سان تعلق رکندڙ لڳ ڀڳ سڀ فرقا سال ۾ ڪجھه روزا ضرور رکندا آهن، انهن ۾ پوري چنڊ جي ڏينهن ۽ ان جي ٻيو ڏينهن شامل آهي. ڪيٿولڪ: عيسائي مذهب جي اهم فرقي ڪيٿولڪ سان تعلق رکندڙ ماڻهو ”ايش وينس ڊي“ ۽ ”گڊ فرائيڊي“ جي ڏينهن روزا رکندا آهن. ان کان سواءِ ڪيٿولڪ عيسائي نفس مارڻ واري وقت ۾ ايندڙ سڀئي جمعي جي ڏينهن گوشت کائڻ کان پرهي ڪندا آهن. هندو مَت: هندو مذهب ۾ نئين چنڊ جي موقعي تي ۽ ”شِوراتري ۽ سرسوَتي“ جھڙن ڏڻن جي موقعي تي روزا رکڻ عام آهي. مور مونز: مور مونز سان تعلق رکندڙ ماڻهو هر مهيني جي پهرين آچر جي ڏينهن روزا رکندا آهن. بهائي: بِهائي مذهب سان تعلق رکندڙ ماڻهو بِهائيءَ سال جي 19 هين مهيني ۾ يعني 2 کان 20 مارچ تائين، جيڪو ”ايلا“ چورائيندو آهي ۾ روزا رکندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خاشقجي قتل:  آمريڪي سينيٽ سعودي ولي عهد کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي سينيٽ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے