20 منگل , نومبر 2018

امجد صابريءَ جو قتل لبرل موسيقي، آزاد سوچ ۽ روشن خياليءَ جو قتل آهي

صدر ممنون جو چين جي حمايت ۾ ڏنل بيان پاڪستان جي رياست جو بيان سمجهڻ گهرجي.
منظور وساڻ پير پاڳارو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پروگرام ” تکيون مٺيون ڳالهيون“ ۾ ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر جو جائزو
ڪراچي (م ڊ) ننڍي کنڊ ۽ ڪجهه ايشيائي ملڪن ۾ڳائڻ جي صنف قوالي لبرل سوچ جو اظهار آهي، جنهن ۾ حضرت محمد صلعم جي شان ۾ موسيقي وسيلي اظهار ڪيو ويندو آهي. ڪنهن به قوال جو ڪو مذهب ڪا سرحد ناهي هوندي. ان ڪري صابري برادرز هجن يا استاد نصرت فتح علي خان انهن سڀني پنهنجي پنهنجي دورن ۾ قواليءَ ۾ جدت آڻي ان کي رات جي 11هين وڳي واري نشريات کان بدلائي خاص نشريات ۽ خاص فن ڪري ڏيکاريو، جنهن جو تازو اظهار مقتول امجد صابري هيو. اهڙو اظهار عوامي آواز ٽي وي پروگرام ” تکيون مٺيون ڳالهيون“ ۾ سينيئر صحافين ۽ تجزيو ڪندڙنڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر ڪيو. هنن چيو ته، هو نهايت رحمدل ۽ سخي انسان هو، پنهنجي پاڙي وارن ۾ موجود ڪيترن غريبن جو ڀرجهلو هيو. هنن ان واقعي جي امڪاني سببن تي ڳالهائيندي چيو ته چيف جسٽس جي فرزند جي اغوا جي اولڙا سڄي ملڪ جي امن امان تي پيا پرامجد صابري جي فن جا چاهيندڙ پوري دنيا ۾ موجود آهن، تن سمورن کي ان قتل شدت سان متاثر ڪيو آهي. ايستائين جو سنڌ اسيمبلي ہلندڙ اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو هو. .هنن چيو ته امجد صابري جي قتل کان پوءِ فن جي دنيا ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي. هن جو قتل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ سواليه نشان آهي. سنڌ پوليس جي بهترين قيادت لاءِ پڻ وڏو چئلينج آهي. قومي ايڪشن پلان تي عمل ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ ٻه وڏا واقعا ٿيا آهن. چيف جسٽس جي پٽ اويس شاهه جو واقعي جون لهرون پاڪستان تائين آهن پر امجد صابري جي قتل جون لهرن پوري دنيا کي لوڏي وڌو آهي. هن جا چاهيندڙ پاڪستان کان ٻاهر پوري دنيا ۾ آهن.فنڪار کي ٽارگيٽ ڪرڻ فن سان دشمني آهي.قوالي لبرل ازم جو وڏي ۾ وڏو ثبوت آهي،فن جي تاريخ ۾ قوالي جو انتهاپسنديءَ خلاف اهم ڪردار رهيو آهي. امجد صابري جي قتل کان پوءِ سنڌ اسمبلي هلندڙ اجلاس ته ملتوي ڪيو پر امجد صابري جي قاتلن کي قانونن جي گرفت ۾ آڻڻ به سندن ئي ذميواري آهي.خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال تي ڳالهائيندي هنن چيو ته صدر ممنون چين جي دوري چين جي سلامتي لاءِ جيڪو بيان ڏنو اهو صدر ممنون نه پر پاڪستان جي رياست جو موقف سمجهڻ گهرجي. چين راهداري کان پوءِ چين جي سيڙپڪارن جي حفاظت جو ذميواري به پاڪستان آهي.نيوڪليئر سپلائر گروپ جي رڪينت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي اهڙو بيان ڏيڻو پيو.هنن چيو ته منظور وساڻ جو بيان رڳو بيان جي حد تائين آهي باقي حقيقتن سان هن جو ڪو واسطو ناهي. مرحوم پير صاحب پاڳارو جيڪي سياسي اڳڪٿيون ڪندو هو، اهي دير سوير درست ثابت ٿينديون هيون. هاڻي وري منظور وساڻ پير پاڳارو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پر سنڌ سرڪار جي وزيرن کي ذميداري وارا لهجا اختيار ڪرڻا پوندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے