16 جمعہ , نومبر 2018

پني عاقل واسي پورهيت جي پٽ جي دل ۾ سوراخ، ٻئي گردا به فيل، واهر جي اپيل

پنوعاقل؛فوٽو 2پنوعاقل (رپورٽر)پنوعاقل لڳ ڳوٺ صادق شاھ ۾ پورھيت قطب شاھ جي چار سالن جي ٻارکي دل ۾ سوراخ ٿي پيو آهي، جڏهن ته نينگر ٻئي گڙدا فيل ۽ سڄي جان تي ڦرڙيون ھجڻ ڪري موت ۽ زندگيءَ جي ٻي واٽي تي بيٺل آهي. آھي،ان ڏس ۾ مزدوري ڪري پيٽ پاليندڙ غريب ڳوٺاڻو قطب شاھ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھن جو معصوم پٽ مجيب شاھ عمر 4 سال جيڪو گڙدا فعيل ٿيڻ ڪري موت ۽ زندگيءَ جي ٻي واٽي تي پيل آھي،ھن چيو ته ڪراچي جو ڊاڪٽر علاج لاءِ 6 لک گھري رھيو آھي،غربت سبب پٽ جو علاج نٿو ڪري سگھان،ھن مال وند ۽ اعليٰ اختيارن کان گھر ڪئي ته ھن جي معصوم پٽ جو علاج ڪرائي کيس جي زندگي بچائي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

طاقتن کي جلد احساس ٿيندو ته پاڪستان رڳو چونڊيل نمائندا ئي هلائي سگهن ٿا: آصف زرداري

بدين ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ به …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے