23 منگل , اکتوبر 2018

ٽي آو آرز تي اتفاق نه ٿيو ته سپريم ڪورٽ وينداسين: خورشيد شاهه

Khursheed-Shahاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ وزيراعظم خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جو چوڻ هو ته حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي گڏيل ٽي او آرز تي حڪومتي ڌر سان اتفاق نه ٿي سگھيو ته سپريم ڪورٽ جو دروازو کڙڪائينداسين. سندس چوڻ هو ته ٽي او آرز تي اتفاق نه ٿيو ته وزيراعظم نواز شريف خلاف آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائينداسين. مخالف ڌر اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته نواز ليگ اسان جي وزيراعظم خلاف به ڪورٽ وئي هئي، اسلام آباد ۾آرمي چيف بابت لڳل بينر بابت سندس چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ آرمي چيف بابت بينر حڪومت ئي لڳرايا آهن، حڪومت بينر هٽرائي، هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر موديءَ جي نظرن ۾ ڪشميري شهيدن جي ڪا اهميت ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے