20 ہفتہ , اکتوبر 2018

آڪسفورڊ يونيورسٽي راحت فتح علي خان کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو

rahatلنڊن (شوبز نيوز) برطانيا جي آڪسفورڊ يونيورسٽي ناليواري پاڪستاني ڳائڻي راحت فتح علي خان کي موسيقي لاءِ خدمتن عيوض لائيف ٽائيم اچيومينٽ اعزاز سان نوازيو آهي. ان حوالي سان رپورٽ موجب آڪسفورڊ يونيورسٽي جي هولي ويل ميوزڪ هال ۾ راحت فتح علي خان جي مان ۾ تقريب ڪرائي وئي، جنهن ۾ کيس لائيف ٽائيم اچيومينٽ جي اعزازي شيلڊ سان نوازيو ويو، جڏهن ته راحت فتح علي خان هولي ويل ميوزڪ روم ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو پڻ ڪيو. ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته اهڙو اعزاز ملڻ مون لاءِ وڏي خوشي جي ڳالهه آهي. لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ منهنجي طرفان پاڪستان لاءِ تحفو آهي، جيڪو مان ملڪ ۽ قوم جي نالي ڪيان ٿو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳائڻي شويتا پنڊت جو موسيقار انو ملڪ تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي موسيقار انو ملڪ به ”مي ٽو“ مهم جي وڪڙ ۾ اچي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے