16 منگل , اکتوبر 2018

خبر ناهي ته سنڌ ۾ ڪنهن جي حڪومت آهي: سراج الحق

1ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته خبر ناهي ته سنڌ ۾ ڪنهن جي حڪومت آهي، 21 ڏينهن ٿي ويا آهن، امجد صابري جي قاتلن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، امجد صابري 20 ڪروڙ عوام جي سڄاڻپ هو، سراج الحق امجد صابري جي گهر پهچي ڪُٽنب سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ روز معصومن جو خون وهي رهيو آهي، امجد صابري جي موت سان غير مسلمانن کي به نقصان پهتو آهي، ڪراچي ۾ نه مزور کي معاف ڪيو ويو، نه عالم کي، هر طبقي جي ماڻهو جو خون وهايو ويو آهي، امجد صابري ڪروڙين دلين کي نورِ مصطفيٰ سان منور ڪيو، حڪومت اڄ تائين ڪنهن قاتل کي ڦاهي ناهي ڏني، سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ قاتلن کي کليل موڪل مليل آهي، ڪراچي کي مقتل گاهه بڻايو ويو آهي، شهر ۾ جنگ جو قانون آهي، امجد صابري جو خاندان به اهو پڇي رهيو آهي ته اسان جي ڀاءُ جو ڏوهه ڪهڙو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے