16 جمعہ , نومبر 2018

گوادر تمام جلد ڊيوٽي فري بندرگاهه بڻجي ويندو: حاصل بزنجو

Gawadar Portڪراچي (ويب ڊيسڪ) پورٽس ۽ شپنگ جي وفاقي وزير مير حاصل خان بزنجو انڪشاف ڪيو آهي ته حڪومت پاڪستان گوادر جي ڊيوٽي فري پورٽ قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي ۽ ان سلسلي ۾ جلد باضابطا اعلان ڪيو ويندو. پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن (پي اين ايس سي) طرفان ”پاڪستان ۾ جهاز راني جي صنعت جو مستقبل“ جي عنوان سان رٿيل سيمينار ۾ حاصل بزنجو خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته گوادر جي بندرگاهه کان سامان جي اچ وڃ ٿيندي ۽ هتي خطي جي ٻين ملڪن کي ٽرانزٽ ڪارگو سروس جي سهولت به ڏني ويندي. هن چيو ته ان کان سواءِ گوادر پورٽ ۾ ٻيا خرچ به تمام گھٽ هوندا. وفاقي وزير حڪومت طرفان جهازن ۽ ٻين ٻيڙيون گھرائڻ تي ڪسٽم ڊيوٽي، جنرل سيلز ٽئڪس ۽ وڌ هولڊنگ ٽئڪس ۾ ٿيندڙ گھٽتائي جو حوالو ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ نوان بندرگاهه ٺهرائڻ بابت به اڳڀرائي ٿي آهي. هن ان ڳالهه جو اعتراف به ڪيو ته خطي جي ٻين ملڪن جيان پاڪستان جهاز راني جي صنعت ۾ گھڻو پوئتي آهي ڇو ته هتي پرائيويتر سيڪٽر جو شپنگ ۾ ڪو ڪردار ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ اينٽي ڪرپشن ڪيسن ۾ وڏي وزير جي اجازت ڏيڻ جو اختيار معطل ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اينٽي ڪرپشن ڪيسن ۾ وڏي وزير جي اجازت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے