13 منگل , نومبر 2018

لاڙڪاڻي ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، ٽائرن کي باهيون، مظاهرو ۽ ڌرڻو

02لاڙڪاڻو(ن ع آ) لاڙڪاڻي ۾ سيپڪو عوام لاءِ مصيبت بڻجي وئي، عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو، سيپڪو جي زيادتين خلاف مراد واهڻ محلي ۽ ڪوثر مل جي رهواسين احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان سلسلي ۾ ڪالهه شهر جي مراد واھڻ محلي جي رهواسين غلام حسين عمراڻي، سفر کوکر، صوفي خالد جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪري اي سي سيپڪو جي آفيس آڏو روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو ھڻي ٽائرن کي باھيون ڏنيون ۽ معصوم ٻارڙن کي هٿن ۾ لٺيون هيون. احتجاج ڪندڙن ٻڌايو ته مهيني کان سيپڪو عملدار اڻ اعلانيل ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ بجلي جي اکٻوٽ ڪرڻ سبب رهواسي سخت گرمي ۾ عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، بجلي جي اکٻوٽ سبب هزارين روپين جو اليڪٽريڪل سامان سڙي ويو آهي. سيپڪو جي اي سي نذير احمد سومرو مظاهرو ڪندڙن سان ملاقات ڪري کين خاطري ڪرائي ته لوڊشيڊنگ کي گهٽايو ويندو. هن مظاهرين کي چيو ته بلن جي ادائيگي ڪن ۽ جنهن ڏانهن به بجلي جي مد ۾ رهتون آهن اهي فوري طور تي جمع ڪرائين. هوڏانهن  ڪوثر مل جي رهواسين نثار ڊومڪي، فقير محمد بروهي، عامر مينگل، عزيز مينگل ۽ ٻين اڳواڻي ڪئي. هنن دانهيو ته 60 هزار روپيا سيپڪو عملدارن کي رشوت ڏيڻ کان پوءِ به ٽرانسفارمر تبديل نه ڪيو ويو آهي. احتجاج ڪندڙن اختيارين کان گهر ڪئي ته مسئلو حل ڪرائي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسڪول فيسن ۾ واڌ، ڊي جي پرائيويٽ اسڪول سميت 4 اسڪولن کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اسڪول فيسن ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ واري معاملي تي سنڌ هاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے