14 بدھ , نومبر 2018

حمل دوران ملٽي وٽامنز، فولاد ۽ ڪيلشيئم جو استعمال پئسن جو زيان آهي: طبي ماهر

Health and unhealthy foods in front of pregnant Japanese woman

نڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته عورتن طرفان حمل دوران دوائن جي صورت ۾ ملٽي وٽامن، فولاد ۽ ڪيلشيئم جو استعمال پيسن جي زيان کان سواءِ ڪجهه به ناهي ۽ انهن مان اڪثر شين جو وڌيڪ استعمال ڳورهارين لاءِ نقصان ڏيندڙ ٿي سگهي ٿو. ڊرگ اينڊ ٽيرا پيوٽڪ بليٽن ۾ ڇپيل رپورٽ موجب برطانيا ۾ پڻ اهو رجحان موجود آهي ۽ ڳورهاريون عورتون اهڙن سپليمنٽن جو باقاعدگيءَ سان استعمال ڪنديون آهن، جنهن تي هو مهيني ۾ لڳ ڀڳ 20 ڊالر خرچ ڪري ڇڏينديون آهن. ڊاڪٽرن موجب حقيقت اها آهي ته غريب ملڪن ۾ جتي عورتون غذائي کوٽ جو شڪار هونديون آهن انهن کي حمل جي شروعاتي مهينن ۾ فوڪ ايسڊ ۽ حمل دوران وٽامن ڊي جي ضرورت هوندي آهي ۽ اهي پڻ کائڻ پيئڻ جي شين مان سولائيءَ سان حاصل ڪري سگهجن ٿيون. مثال طور فولڪ ايسڊ فورٽيفائيڊ اٽي يا بريڊ مان حاصل ٿي سگهي ٿي ۽ وٽامن ڊي مختلف قسمن جي خوراڪ ۽ ٿوري دير اُس ۾ ويهڻ سان پڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي. ان جي ابتڙ حمل دوران وٽامن اي جو وڌيڪ مقدار ۾ استعمال ٻار لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته سٺي خوراڪ کائڻ وارين عورتن کي حمل دوران ڪنهن به سپليمينٽ جي ضرورت ناهي پوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Your Sleep Schedule Might Be Messing With Your Hydration Levels

رات جو ننڊ نه ڪندڙ ڪهڙين بيمارين جو شڪار ٿين ٿا؟ : تحقيق

نيويارڪ/بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) طبي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن به شخص لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے