23 منگل , اکتوبر 2018

آرمي چيف جي حمايت ۾ بينر هڻندڙن خلاف ڪيس داخل

28اسلام آباد(ع آ نيوز) اسلام آباد ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جا بينر هڻندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس تعزيراتءِ پاڪستان تحت  داخل ڪيو ويو آهي. مووآن تحريڪ جي اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ سندن گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ميڊيا رپورٽن موجب پوليس موو آن تحريڪ جي اڳواڻن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي اڳواڻن جي گهرن تي ڪارروائي ڪئي وئي. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد يا ڏنڊ جي سزا ملي سگھي ٿي. واضح رهي ته ڪجھه ڏينهن کان اسلام آباد ۽ ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي حمايت ۾ بينر لڳائي کيس حڪومت سنڀالڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران جي اتحادي قادري به عوام کي رستن تي اچڻ جو چئي ڇڏيو

لاهور: ( م ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري هاڻوڪي نظام خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے