16 منگل , اکتوبر 2018

اسد کرل معاملو: طارق سيال هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي، هراسان ڪرڻ جي دعويٰ

30لاڙڪاڻو(ڊ ر) رينجرز هٿان ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل اسد کرل کي فرار ڪرائڻ واري معاملي کان پوءِ پ پ پ اڳواڻ طارق انور سيال سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻي پهچي پنهنجي وڪيل حبيب الله غوري معرفت تحفظ لاءِ پٽيشن داخل  ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ هن ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي، رينجرس ڪمانڊنٽ لاڙڪاڻو، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ايس ايڇ او باقراڻي، ايس ايڇ او مارڪيٽ ۽ ٻين کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته اسان جي پاڪستان پيپلز پارٽي سان سياسي وابستگي آهي جڏهن ته مان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر آهيان، اسان جو ڪو به ڏوهي رڪارڊ نه آهي، منهنجو پ پ پ سان تعلق آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ مون سميت اسان جي ماڻهن کي هراسان ڪيو پيو وڃي جيڪڏهن اسان جي خلاف ڪو ڏوهاري رڪارڊ آهي ته اهو عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏ اسان کي تحفظ پڻ فراهم ڪيو وڃي. اهڙي پٽيشن کي عدالت ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ڄاڻايل ڌرين ڏانهن نوٽيس اماڻي ٻڌڻي 28 جولاءِ تي رکي ڇڏي آهي. واضع رهي ته ٽي ڏينهن اڳ شهر جي الهه آباد ٿاڻي جي حد پير نانگو شاهه پوليس چوڪي وٽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار اسد کرل کي کنڀي کڻي وڃي رهيا هئا ته پوليس ڪنٽرول تي اسد کرل کي اغوا جو اطلاع ڏنو ويو جنهن کان بعد پوليس مختلف هنڌن تي ناڪابندي ڪئي جنهن دوران پ پ پ اڳواڻ طارق سيال سميت ان جا حمايتي وڏي تعداد ۾ پڻ پهچي ويا، هوڏانهن  گهرو وزير سهيل انور سيال جي ڀاءُ طار انور سيال پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته منهنجو تعلق سياسي حلقي سان آهي، ميڊيا تي منهنجي ۽ منهنجي فيملي بابت جيڪي ڪجهه خبرون هلايون ۽ شايع ڪيون ويون، دراصل اهي حقيقت کان هٽي ڪري هيون. اسد کرل اسان جي سياسي لڏي ۾ سال 2014ع ۾ آيو، هو يوسي 20 جو ووٽر آهي ۽ هن سان صرف سياسي وابستگي آهي. اسد کرل جي واقعي کان پوءِ تحفظ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو در کڙڪايو آهي، هن چيو ته هڪ ٽي وي چئنل تي خبر هلي ته اسد کرل مٿان 12 ڪيس داخل هئا جيڪي ڪيس اسان جي ذريعي خارج ڪيا ويا جنهن جي مان وضاحت ڪندس ته اسد کرل جا ڪيس نه اسان ختم ڪرايا ۽ نه ئي ان جي ڪيسن بابت ڪا ڄاڻ آهي. هن سان اسان جي وابستگي سال 2008ع ۾ نه پر سال 2014ع ۾ ٿي آهي ۽ اِها ڳالهه به ٻڌائڻ ضروري سمجهندس ته اسان جو ڪنهن به اداري سان ڪو به ٽڪراءُ نه آهي ۽ اسين محب وطن آهيون. اسان جون ڪيل سياسي خدمتون عوام آڏو آهن، اسان جي خاندان جو تعلق ڪڏهن به ڏوهي سرگرمين ڪندڙن سان قطعي نه رهيو آهي. هن آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڪور ڪمانڊر، ڊي جي رينجرس ۽ سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي صاف ۽ شفاف جاچ ڪرائين .

اسدکرل معاملي ۾ ٿوري غلط فهمي ٿي: وڏو وزير

ڪراچي (اي پي پي) وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي م ڀتاخوري، اغوا ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي. هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اسد کرل جي معاملي ۾ ٿوري غلط فهمي ٿي  آهي، ڳالهه کي اڳتي نه وڌايو وڃي  هن چيو ڏوهاري پيشا ماڻهن کي ڪنهن حڪومت يا ايجنسي جي حمايت حاصل نٿي ٿي سگهي ڏوهاري پيشا ماڻهو ڪنهن جا به دوست نٿا ٿي سگهن ڏوهاري پيشا ماڻهن جو حڪومت ساٿ نه ڏيندي . وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اويس شاهه جي بازيابي لاءِ ڊي جي رينجرز اسان سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي .

اسد کرل وارو معاملو هاڻي وڌندو: تجزئي نگار

 اسلام آباد (م ڊ) تجزئي نگار ڊاڪٽر شاهد مسعود چيو آهي ته سنڌ جو گهرو وزير لاڙڪاڻي کان  ٻاهر نه پيو نڪري. هن اسد کرل کي ڪٿي لڪائي رکيو آهي. 60 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪرپشن جو معاملو آهي. کرل وارو معاملو هاڻي وڌندو. ايم ڪيو ايم به ڊاڪٽر عاصم تي مهاجر ڪارڊ کيڏي رهي آهي. ادارن اڃا تائين سنڌ جي اندرين علائقن ۾ ڪرپشن جي جاچ شروع ناهي ڪئي. هن چيو ته حساس ادارن هڪ ڪرپٽ ماڻهو کي پڪڙيو آهي. انهن کي ڇڏرائڻ لاءِ ايس ايس پي لاڙڪاڻي پهچي ويو. اهو ماڻهو ادارن حوالي ڪرڻو پوندو. هن چيو ته نئب کي حڪم مليا آهن ته ميگا ڪرپشن ڪيس مان وزيراعظم ۽ اسحاق ڊار جا ڪيس ختم ڪيا وڃن.وزيراعظم برطانيا مان ان ڪري واپس آيو ڇو ته سندس برطانيا ۾ ويزا ختم ٿي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪمند اگهه 250 مقرر ڪرڻ جو مطالبو:ڊالر جي چاڙهه سبب زراعت تي سبسڊي ڏئي سنڌ ۾ آبپاشي وزيرمقرر ڪيو وڃي:ايوان زراعت

حيدرآباد (رپورٽر) ايوان زراعت سنڌ جي اجلاس ۾ آبادگارن هر ڏينهن پاڻي جي کوٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے