17 ہفتہ , نومبر 2018

سنڌ جي ڪارڪردگي پنجاب کان بهتر آهي، تخت لاهور خلاف انقلاب اچي سگهي ٿو: بلاول

32راولاڪوٽ(ع آ نيوز) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آزاد ڪشمير مان ن ليگ جو خاتمو ٿيڻ وارو آهي ۽ ان جي شروعات راولاڪوٽ  مان ٿيندي. آزاد ڪشمير جي شهر راولاڪوٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ڪشمير جا ماڻهو ڪشمير دشمن حڪومتي پاليسي جا حامي ناهن، هن چيو ته نواز شريف جو دوست مودي ڪشميرين تي ظلم جا جبل ڪيرائي رهيو آهي، ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت کي نواز شريف جي خاموش حمايت حاصل آهي، پر ڪشمير جو عوام ڪشميرين تي ظلم جي پاليسي جي حمايت نه ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير ۾ پ پ جو اميدوار ئي ڪامياب ٿيندو، ڪشمير جي غيرت مند نوجوانن سان ملڻ آيو آهيان. راولا ڪوٽ جي شهيدن کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ڪشمير ۾ ن ليگ جي خاتمي جي شروعات راولاڪوٽ مان ٿيندي. هن چيو ته ڪو به معاشرو تيستائين ترقي نه ڪري سگھندو جيستائين اتي مردن ۽ عورتن کي هڪ جيترا حق نه ملن. اسين ڪشميرين کي پنهنجي پارٽي جو آئيندو سمجھون ٿا. اسان جو نعرو آهي ”سڀ تي ڀاري، راءِ شماري“ . ن ليگ ڪشمير دشمن پاليسي هلائي رهي آهي پر  هاڻي ن ليگ جي ڌمڪين واري سياست نه هلندي. ڊوگر راڄ کان آزادي جي شروعات به راولاڪوٽ مان ٿي هئي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته مودي سرڪار ڪشمير ۾ ظلم جون حدو ن ماري ڪري ڇڏيون آهن، چونڊن ۾ ن ليگ جي ڪاميابي مودي سرڪار جي حمايت سمجھي ويندي. اهو ممڪن ئي ناهي ته اسين مودي جي حامي حڪومتي پاليسي جي حمايت ڪريون. هن چيو ته ن ليگ جي پاليسي ۾ ڪشمير ڪٿي به ناهي پر ڪشميري پنهنجو حق کسي وٺڻ ڄاڻين ٿا. هن چيو ته گڏيل قومن وارو ادارو اڄ تائين ڪشمير ۾ راءِ شماري نه ڪرائي سگھيو آهي اسين ڪشمير ۾ راءِ شماري جو مطالبو ڪريون ٿا. هن چيو ته اقتصادي راهداري منصوبو پيپلزپارٽي شروع ڪيو، هتي مهانگا منصوبا حڪمرانن جي پنهنجي فائدي لاءِ آهن. بلاول ڀٽو زرداري موجب حد ته اها آهي جو ڇوڪرين جا اسڪول ساڙيندڙن کي فنڊ ڏنا ويا. ڪتابن ۾ لوهه ناهي استعمال ٿيندو ان ڪري ن ليگ وٽ تعليم جي ڪا پاليسي ناهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ ناڪام ليگ ۾ وڏو فرق آهي، ن ليگ ڪشمير جي ترقي لاءِ ڪو ڪم ناهي ڪيو. اسان يونيورسٽيون ٺاهيون، ڪشمير ۾ پهريان هڪ يونيورسٽي هئي، هاڻي 6 يونيورسٽيون آهن. اسان هتي روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪيا. بلاول ڀٽو زرداري موجب عوام مهانگائي ۾ پيسجي رهيو آهي، اسحاق ڊار دال بدران مرغي کائڻ جي صلاح پيو ڏي. ن ليگ ڪشمير ۾ هڪ ميگاواٽ جي بجلي جو منصوبو به ناهي آندو. هن چيو ته ميان صاحب جو وڃڻ طئه آهي، ان لاءِ تخت لاهور خلاف انقلاب به اچي سگهي ٿو. حڪومت جا مهانگا منصوبا عوام جي ڀلائي لاءِ نه بلڪه اتفاق فائونڊري جي ترقي لاءِ آهن، جڏهن ته نواز شريف ليڊر نه بزنيس مين آهي هو رڳو پنهنجو مفاد ڏسندو آهي. هن چيو ته غيرآئيني بجيٽ جي ڪا به اهميت ناهي ڇو ته ان ۾ صوبن کي نظرانداز ڪيو ويو. خراب حالتن باوجود سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي پنجاب کان بهتر آهي. آئون توهان کي ن ليگ کي ناڪام، ناڪام، ناڪام ليگ چوان ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے