19 پیر , نومبر 2018

هٿرادو روشنيون صحت کي نقصان پهچائين ٿيون..!

Lightsڪراچي(ع آ نيوز) طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته هٿرادو روشنيون صحت کي نقصان پهچائين ٿيون. نيدر لينڊ جي ليڊين يونيورسٽي جي تحقيق دوران ڪوئن کي 6 مهينا لاڳيتو هٿرادو روشنيءَ ۾ رکيو ويو. 6 مهينا گذرڻ کانپوءِ ڪوئن جو معائنو ڪيو ويو ته خبر پئي انهن جو ڪرنگهو ڪمزور ٿي ويو آهي ۽ هڏن جي مرض جون شروعاتي علامتون سامهون اچڻ لڳيون آهن، جڏهن ته جسماني بچاءَ واري نظام ۾ هڪ انفيڪشن اڀرڻ لڳو آهي. تحقيق موجب ڏينهن ۽ رات قدرتي ڦيرو آهي، جنهن ۾ مداخلت جي نتيجي ۾ جسم ڪمزور ٿيڻ لڳي ٿو. تحقيق ۾ صلاح ڏني وئي آهي ته هٿرادو روشنين ۾ رهڻ وارا خاص ڪري بزرگ ماڻهو ۽ ڪمزور ٿورو احتياط ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انساني نڪ ۾ بيڪٽريا کان بچائڻ وارو مڪمل نظام دريافت

ميسا چيوسيٽس(ويب ڊيسڪ)ماهرن نڪ ۾ جراثيم ۽ بيڪٽيريا سان وڙهڻ وارو هڪ اهڙو منظم نظام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے