24 بدھ , اکتوبر 2018

شيخ رشيد پاران به وزيراعظم جي نااهلي لاءِ ريفرنس داخل

Px13-049 LAHORE: Nov13 – Leader Awami Muslim League Sheikh Rasheed Ahmad addressing a press conference on Sunday. ONLINE PHOTO by Imran Sheikh

اسلام آباد(ع آنيوز) عوامي مسلم ليگ به وزير اعظم نواز شريف جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. چينل 24 موجب  عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد پاناما ليڪس معاملي تي وزير اعظم نواز شريف جي نااهلي جي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته هن وزير اعظم کي نااهل ڪرائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن ڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اڄ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي ان سلسلي ۾  ريفرنس به پيش ڪندو. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي نااهلي جي لاءِ رڳو پاناما ليڪس جي نقطن جي کي بنياد بڻايو آهي ۽ ماضي جي ڪنهن به واقعي کي بنياد ناهي ٺاهيو جڏهن ته حڪومت خلاف تحريڪ جي لاءِ لاهور ۾ مذهبي پارٽين سان به رابطا ڪندو ۽ اعتماد ۾ وٺندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ڪوئلي جا وڏا ذخيرا موجود آهن: مراد علي شاهه

 ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے