15 ہفتہ , دسمبر 2018

سنڌي ادب جو فڪري پس منظر:طارق عزيز شيخ

سنڌي ادب جي ميدان ۾ نواڻ ڊاڪٽر فهميده حسين، بدر اڄڻ، سحر امداد ۽ خاص ڪري غفور ميمڻ جي تحقيقي ڪم منظر عام تي اچڻ کانپوءِ پيدا ٿي آهي. جهڙي ريت سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ ڪراچي يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر جي ايم برفت تحقيقي مقالو لکي ملڪي بلڪ، عالمي سطح تي نواڻ آندي ائين سنڌي شعبي ۾ به ڪم نظر اچڻ لڳو آهي ڊاڪٽر جي ايم برفت ”پاڪستان ۾ منشيات ۽ ان جا منفي اثرات“ جي موضوع تي تحقيق ڪئي، تحقيق ڪرڻ دوران جي ايم برفت نشو واپرائيندڙ ماڻهن جا انٽرويو ڪيا، منشيات جي اڏن تي ويو، اسمگلنگ جو طريقو ڏٺائين، منشيات فروشن کان آڏا سوال ڪيائين ۽ ڏکين جڳهين تي ڏينهن رات وڃي پاڻ تحقيق ڪري ڏٺائين، جنهن جي نتيجي ۾ مٿس جاني حملو به ڪرايو ويو پر پاڻ پوري تحقيق ڪري پهتو، پاڪستان ۾ ڪو به اهڙو محقق ورلي هوندو جنهن اهڙا ڏکيا ڏينهن ڏسي ڪم ڪيو هوندو، هن جي مقالي جو مرڪز دنيا جو خطرناڪ نشو هيروئن هو، جنهن موضوع تي دنيا ۾ مضمون ۽ فيچر ته ڪافي لکيا ويا آهن پر انهي تي تحقيق ڪندڙ هي پهريون محقق آهي، تحقيق جي دنيا ۾، بيٺل پاڻي ۾ جهڙي طرح ڪا لهر ايندي آهي ۽ سڄو پاڻي حرڪت ۾ اچي ويندو آهي تهڙي طرح ڊاڪٽر جي ايم برفت جو مثال آهي، سندس تحقيقي مقالا ۽ حيثيت آهي.

سنڌي ادب ۾ تحقيق جو انداز ۽ معيار اڃا ٻيو آهي، سنڌي ادب ۽ سوشيالاجي ٻئي آرٽس جا شعبا ضرور آهن پر ٻنهي جي موضوعن ۾ ڪافي فرق آهي. ادب اهو شعبو آهي جنهن سان زندگيءَ جي هر شعبي جو تعلق آهي، سوشيالاجي، فلاسافي، هسٽري، ڪيمسٽري، پوليٽيڪل سائنس وغيره سڀ جا سڀ موضوع ۽ شعبا ادب جي ڀاڱي ۾ اچن ٿا، ادب سان واسطو رکن ٿا.

اسان جي سنڌي ادب ۾ به وقت گذرڻ سان گڏوگڏ جدت ايندي رهي آهي ۽ هر زماني ۾ وقت آهر ترقي ڏسڻ ۾ آئي آهي، ڏند ڪٿائن جي زماني کان اڄا تائين ٿيندڙ سمورا لاها چاڙها سنڌي ادب سان گڏ سفر ڪندي اڳتي وڌيا آهن، اڄوڪي زماني ۾ تخليقي ادب سان گڏ تحقيقي ادب به پنهنجي اهميت ۽ قدر  ۽ قيمت ۾ اضافو ڪيو آهي، سنڌي ادب ۾ هونئن ته ڪيتريون ئي تحقيقون منظر عام تي آيون آهن پر سنڌ، سنڌي ماڻهوءَ ۽ سنڌي ادب جي جيڪا فلسفياڻي تحقيق ڊاڪٽر غفور ميمڻ ”سنڌي ادب جو فڪري پس منظر“ ۾ ڪئي آهي اهڙي ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ شل هجي!!!

سنڌي ادب پڙهندڙ ۽ پڙهائيندڙ طبقو هن ٿيسز کي تاريخي، فڪري، ادبي، نفسياتي ۽ تحقيقي طور تي ساراهي چڪو آهي، هيءُ تحقيقي پورهيو 655 صفحن تي مشتمل آهي، ڊاڪٽر غفور ميمڻ کي جيڪي ماڻهو اخباري ڪالمن، مضمونن، ڪهاڻين ۽ تحقيق جي ماهر طور ڄاڻن ٿا تن کي معلوم آهي ته سندس هر تحرير ۾ فلسفو لازمي هوندو آهي، سندس پسنديده موضوع فلسفو رهيو آهي، هن جي تحقيقي مقالي جي ابتدا به ”سنڌي ماڻهن جو فلسفياڻو پس منظر“ واري عنوان سان ٿئي ٿي، ڊاڪٽر غفور ميمڻ جڏهن سنڌ جي تاريخ جي منظر ڪشي ڪري ٿو ته انسان جي فڪر جي ابتدا کي پهرين ڏيکاريو اٿس جنهن کانپوءِ ”قديم سنڌ جو فڪري پس منظر“ کي مختلف مفڪرن جي دليلن ۽ نظرين سان ڏسندي ڏسندي آخرڪار فرائيڊ جي لبيڊو فارم يعني تبديليءَ واري عمل وارو قرار ڏنو اٿس.

پهرئين باب جي ٽئين سب ٽائيٽل ”سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون ۽ انهن جا سنڌي ماڻهن تي اثر“ ۾ ڊاڪٽر غفور سنڌ جي خوشحال ماضيءَ کي تاريخي حوالن سان  پيش ڪيو آهي، جڏهن سنڌ ۾ جواهرات، ياقوت، الماس، خوشبودار مصالحا، اناج، ريشمي ڪپڙو، سوٽي ململ عام جام هئا جنهن جو ذڪر رگ ويد ۾ ملي ٿو. هي خانه بدوش هئا ٽولن جي صورت ۾ سنڌ ۾ ڪيئن وارد ٿيا ۽ جهنگلي وحشي ويڙهاڪ هئا، ڪهڙي ريت سنڌ کي ڦري لٽي پنهنجا نسل آباد ڪيائون، ان بابت سموري تاريخي حوالن سان تحقيق ٿيل آهي، ان کان پوءِ عربن جي ڪاهه جو به تفصيلي احوال ڏنل اهي، محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي جنگ کان پوءِ سنڌ جي حالتن جو جائزو ڏيکاريو اٿس، هي تحقيقي احوال پڙهڻ کان پوءِ وار ڪانڊارجيو ٿا وڃن، سنڌ سان ٿيل ظلم تي تاريخ به ڄڻ لڙڪ وهائي رهي آهي.

هن عربن کانپوءِ ڌارين جي ڪاهن ۽ حملن جو تحقيقي جائزو ڏنو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي اوائلي سياسي تاريخ ملي ٿي. ڊاڪٽر غفور جي ٿيسز ۾ هر باب ۾ سنڌي ماڻهو جو نفسياتي جائزو به ڏنو ويو آهي، ڌارين جي ڪاهن سان هن نتيجو ڪڍيو آهي ته سنڌي ماڻهو نفسياتي طور تي احساس ڪمتري ۾ مبتلا ٿي ويو هو، ارعونن، ترخانن، مغلن، پرتگالين ۽ پٺاڻن جي حلمن سان سنڌين ۾ عدم تحفظ جو رجحان پيدا ٿي ويو هو.

”هندستان جا قديم فڪر ۽ سنڌي ماڻهن تي انهن جا اثر“ جي سري سان ڏنل باب ۾ ويدن جو فڪر، ٻڌ مت ۽ جين مت جو سنڌ سان واسطو هجڻ يا سنڌين تي ان جو اثر هجڻ جي تصوير ڪشي ڪئي وئي آهي.

”چار واڪ لوڪ يات جو فلسفو“ سنڌ جي صوفين، شاعرن ۽ باشعور ماڻهن جو مزاج بڻائي ڏيکاريو اٿس، ”سنڌ ۾ اسلام جو اچڻ ۽ ان جا فڪري اثر“ جي سري هيٺ آيل باب نهايت  اهم آهي، جنهن ۾ سنڌ جو قديم اسلامي ملڪن مصر، عراق، يونان، شام، فلسطين ۽ ايران جهڙن ملڪن سان مشابهت  سان برابر ڏيکاريو ويو آهي، وحدت الوجود، وحدت شهود، ويدانت، تصوف جي دائرن هوندي به سنڌ ۾ ڪو به انتشار  جيڪو مذهب ۽ فرقي جي بنياد تي هجي، نظر ڪو نه آيو، سنڌي ماڻهو امن، پيار ۽ انسانيت کي چاهيندڙ رهيو آهي، جيتوڻيڪ انهي جي بدلي ۾ هن کي ڦريو لٽيو ويو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن جو فڪر ۽ فلسفو به ڏيکاريو ويو آهي، قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه لطيف، خواجه محمد زمان ۽ سچل کي پنهنجي پنهنجي اظهار سان بيان ڪيو ويو آهي، پر سڀني الڳ الڳ دورن جي شاعرن، جن کي پنهنجي پنهنجي دور جو نمائندو چئجي ته غلط نه ٿيندو، سڀني ۾ هڪڙو تسلسل نظر آيو آهي، اهو ئي سنڌي ماڻهوءَ جو نظريو به آهي.

هڪ باب ۾ ”انگريزن جو دور“ پيرائتي انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي، 1843ع کان وٺي 1947ع تائين سياسي، سماجي ۽ ادبي طور تحقيقي نگاهه سان احوال آيل آهي، هيءُ هڪ طرح سان انگريزن جي دور تي تنقيدي بحث به چئي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر غفور ميمڻ مجموعي طور تي هن بحث ۾ جنگي حالتون، سنڌ تي ڪاهه، مختلف تحريڪون، سنڌ ۾ ٿيندڙ علمي ۽ عملي مزاحمت، رجعت پسندي، جاگيرداري، سرمائيداري، فڪر ۽ فلسفي تائين هر نوعيت سان حالتن ۽ واقعن کي باريڪ بينيءَ سان ڏيکاريو آهي، انگريزن جي دور ۾ جيڪا ادبي اٿل پٿل رهي ان جو ته تمام تفصيل سان احوال آيل آهي، شاعري، نثر، درسي ڪتابن بابت احوال، نيون صنفون، صاحب ديوان، لوڪ ادب جا سگهڙ، سياسي ۽ قومي پيغام ڏيندڙ مفڪر ۽ ادبي ترقيءَ تي هڪ اوور وِيو آهي، بيدل فقير کان ويندي شيخ اياز تائين سنڌي نظم ۽ نثر تي فلسفياڻي تنقيد آهي، هر هڪ جي فن کي اجاگر ڪري ڏيکاريو ويو آهي، هن زماني جي سڄي ساري منظر ڪشي ڪئي اٿائين هن باب بابت پاڻ نتيجي ۾ رايو لکي ٿو ته: ”مجموعي طور تي سنڌي سماج جو پنهنجو فڪر مثبت ۽ سگهارو آهي، پر هزارين سالن جي تاريخ، ڌارين جي حملن ۽ ڦرمار ۾ سنڌي سماج تي مختلف اثر ٿيندا رهيا آهن.“

هن ڪتاب جو ٻيون باب تمام زبردست آهي، جنهن ۾ پاڪستنا جي فڪري پس منظر کي ڏيکاريندي اهي سڀ سياسي، معاشي، سماجي ۽ جاگرافيائي حالتون تاريخي حقيقت سان، عڪس بند ٿيل آهن. سنڌ تي هيءَ وقت نهايت آزمائش وارو اچي ويو هو جڏهن سنڌ اسيمبليءَ مان ئي پاڪستان ٺهڻ واري قرارداد پاس ٿي، تحريڪ پاڪستان کي سڀ کان وڏو سهارو سنڌ جي حمايت جي صورت ۾ مليو ۽ جڏهن پاڪستان قائم ٿيڻ جو اعلان ٿيو ته لڏپلاڻ جي معاملي سنڌ جي معاشي، سماجي ۽ ثقافتي ڍانچي تي هڪدم اثر وڌو، ڊاڪٽر غفور ميمڻ اهو سڄو پيرڊ مختلف زاوين ۽ پاسن کان بيان ڪيو آهي، هيءُ باب پاڪستان ۽ سنڌ جي سياسي تاريخ جو اهو باب آهي، سنڌ ۽  سنڌي ماڻهو جنهن دلجوئي سان پاڪستان کي اپنايو، لڏي آيل مسلمانن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون، پنهنجن سنڌين کي مذهب جي نالي تي ڌرتي ڌڪاڻو ڪيو، سنڌين جون ڇڏيل جايون نون آيلن کي ڏنيون پر ڪجهه عرصي بعد ئي اوپرائپ ۽ ڌارئي هجڻ جو احساس جنم وٺي ٿو. ان کان پوءِ هر سطح تي سنڌين جا حق ڦرجڻ لڳا ۽ بدلي ۾ سنڌي ماڻهوءَ کي پٺتي ڌڪيو ويو، غفور ميمڻ انهيءَ سڄي صورتحال جو نقشو اهڙو ڏيکاريو آهي جو پڙهندي پڙهندي لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا.

سنڌي علم ۽ ادب تي به ساڳئي ريت اثر پيا ۽ اهو تخليق ٿيل ادب دستاويز جي شڪل ۾ هن باب ۾ ڏنل آهي، ڪرشن کٽواڻي، امر جليل، نارائڻ شيام، شيخ اياز، علي بابا، نجم عباسي، موهن ڪلپنا، رسول بخش پليجو، آغا سليم هڪ تسلسل ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو جي عڪاسي ڪئي آهي.

هن باب جو وڏو ڀاڱو مزاحمتي ادب تي مبني آهي، ڊاڪٽر غفور ميمڻ مزاحمت ڇا آهي ان جا تحقيقي ۽ تاريخ حوالا ڏيکاريا آهن، ان کان پوءِ ڏند ڪٿائن کان وٺي پاڪستان کانپوءِ سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه اديب دانشور سنڌي ماڻهوءَ ۾ فڪري ۽ نفسياتي طور ڏٺو اهو هڪ طويل ريڪارڊ ”مزاحمتي فڪر“ واري چيپٽر ۾ پنجن سب ٽائيٽلز ۾ مختلف مزاحمتي پهلوئن سان ڪري يکاريو اٿس. ان ۾ سياسي حالتون، ٻوليءَ جو مسئلو، مزاحمتي شاعري، مزاحمتي نثر، مزاحمتي ادب جو پس منظر جهڙن عنوانن ۾ تمام بي باڪيءَ سان بيان ڪيو اٿس جيڪو تلخ حقيقتن جو آئينو آهي.

ڊاڪٽر غفور جي تحقيقي مقالي جوٽيون ۽ آخري باب ”سنڌي ادب جون فڪري تحريڪون ۽ ادبي لاڙا“ تمام طويل ترين باب آهي، تحقيقي مقالي جو مرڪزي باب هيءَ آهي جنهن ۾ رومانويت جو فڪري پس منظر، ترقي پسند ادب، روشن خيالي، مارڪس ازم، سنڌ ۾ روشن خيالي جو رجحان، جديديت جو فڪري پس منظر، وجوديت، اظهاريت، شعوري وهڪري، سريئلزم، ناڪاريت، سنڌ ۾ وجودي فلسفو سميت اهم تحقيقي چيپٽر آهن، جيڪي سنڌ کي پنهنجي سچي پچي نظرئي سان ظاهر ڪن ٿا، ڊاڪٽر غفور جي تحقيقي لکڻي هجي، افسانو يا مضمون جي صورت ۾ هجي، هو هر تحرير ۾ فلسفو، فڪر ۽ نفسيات ضرور شامل ڪندو ڇاڪاڻ ته اهو سندس پسنديده موضوع رهيو آهي ۽ اهو ئي تحقيق جو ڳر بڻيو آهي.

سندس ڪتاب ”سنڌي ادب جو فڪري پس منظر“ سنڌي ادب جي موضوع تي ٿيل اڳوڻين روايتي تحقيقن کان قطئي تبديل آهي، ٿيسز هجڻ ڪري سچ ۽ حقيقت کي لڪائي، خوبصورت ۽ دلفريب پر ڪوڙي ٻوليءَ بدران ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي باڪيءَ سان تلخ حقيقتن ۽ سچ کي بيان ڪيو آهي، اهڙو سچ جيڪو مصنوعي ماڻهن جي اکين ۾ مرچن جيان لڳي ٿو، هن ٿيسز مان سنڌي ادب جي اهميت ۽ مقام جو پتو پوي ٿو ۽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هر دور ۾ سنڌي ادب پنهنجي انفراديت سان اڳتي وڌيو آهي.

سنڌي علم ادب ۽ تحقيق جي حوالي سان جيڪي اڳي ٿيسز منظر عام تي اچي چڪيون آهن انهن جي مقابلي ۾ هيءَ تحقيق جديد طرز جي چئي سگهجي ٿي. اڄ جڏهن ”سنڌي ادب جو فڪري پس منظر“ ڏسان ٿو ته اهي لفظ ياد ٿا اچن، هيءَ ٿيسز 2002ع ۾ مئڊم فهميده حسين شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران شايع ڪرائي هئي جيڪا اڄ اداري جي سونهن آهي، سنڌي ادب ۾ هن طرح جو ڪم اچڻ کپي، شاگردن کان ويندي نقادن تائين سڀني لاءِ نهايت لاڀائتي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے