15 ہفتہ , دسمبر 2018

63 ڏينهن تائين کير  خراب ٿيڻ کان بجائڻ جو طريقو   

images (1)انڊيانا پولس( ع آنيوز ) ماهرن هاڻ اهڙو طريقو ايجاد ڪري ورتو آهي جنهن سان ٻه مهينن تائين کير خراب ٿيڻ کان بچائي سگھجي ٿو. اهو طريقو ايجاد ڪندڙ ٽيم جي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته پاسچرائزيشن جي ڪري کير ۾ موجود 99 سيڪڙو کان وڌيڪ جيوڙا مري ويندا آهن، اسان جي ٽيڪنيڪ ان باقي بچيل جيوڙن کي 99 سيڪڙو ماري ڇڏيندي آهي، باقي کير ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي بچندو جيڪو ان کي خراب ڪري سگهي. ان طريقي ۾ سڀ کان پهريان کير کي جيوڙن کان محفوظ ڪرڻ جا طريقا يعني پاسچرائزيشن مان گذاري ٿڌو ڪجي، ان کان پوءِ کير کي هڪ دفعو وري تيز باهه تي گرم ڪجيوري ان کي اوتري تيزي سان ئي ٿڌو ڪيو ويندو آهي، هاڻي کير کي ڪنهن ڊٻي يا ڪنهن ٿانو ۾ بند ڪري رکيو وڃي ته اهو 63 ڏينهن تائين محفوظ رهندو، جيئن ته محفوظ ٺاهيل کير جيوڙن کان پاڪ هوندو آهي، پر 9 هفتن تائين ان جي رنگ، ذائقي ۽ خوشبو ۾ تازگي برقرار هوندي آهي. 37

هي به ڏسي سگهو ٿا

”سائي مصالي سان فرائي ٿيل جيرا “

شيون : جيرا هڪ عدد، ساوا مرچ پنج عدد، ساوا بصر  هڪ پاءُ ، ٽمٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے