19 پیر , نومبر 2018

مسيحا

8941132347_017a37879d_o                سارنگ جڏهن هن اسڪول ۾ بدلي ٿي آيو هو. تڏهن اسڪول ۾ داخل ڇوڪرا 20-25 هئا، پر ايندو هڪ ڇوڪرو به ڪو نه هو.

سارنگ اچڻ شرط، ڇوڪرن جي مائٽن سان مليو ۽ ڳوٺ مان ٻن ٽن چڱن ذهن رکندڙن کي ساڻ ڪري، مٿي آفيسرن ڏانهن درخواستون ڪرايائين ته اسڪول کي فرنيچر ڏنو وڃي، اسڪول ۾ هن اچڻ شرط 60-70 کن ٻار داخل ڪرايا ۽ روزانو 30-35 ڇوڪرا اسڪول ۾ اچڻ لڳا. ٿوري ئي عرصي ۾ 50-60 شاگرد روزانو اچڻ لڳا ۽ سارنگ کي هڪ نائب ماستر به ملي ويو. سارنگ ٻارن سان ٻار هوندو هو. پڙهڻ وقت پڙهائڻ ۽ راند جي وقت ۾ راند کيڏڻ. ٻارن جي هن سان ڏاڍي پريت هوندي هئي، ڪو به ڇوڪرو هڪ ڀيرو اسڪول اچي، پوءِ ٻيو ڀيرو گسائڻ کان ونءُ پيو ويندو، سارنگ ڳوٺاڻن ماڻهن سان به ائين هلڻ لڳو جو هر ماڻهو جيءُ ۾ جايون ڏيڻ لڳس، سارنگ طبيعت ۾ به ڏاڍو سادو ۽ صفائي پسند هوندو هو، پر هڪ ٽنگ کان معذور هو. ٻار ڪافي ڀيرا پاڻ ۾ سس پس ڪندا هئا ته سائين کي الائي ڇا ٿيو آهي، پر ڪو پڇندو ڪونه هوس.

هڪ ڏينهن سارنگ رجسٽر ۾ يڪو مهينو کن غير حاضر ڏسي، ڇوڪرن کان پڇيو ته، ”پٽ سچل ڇو نه ٿو اچي“ هڪ ڇوڪر اٿي بيهي چيو.

”سائين سچل کي الائي ڇا ٿيو آهي ۽ پيٽ وڌي وڏو ٿي ويو اٿس. ان لاءِ گهر ۾ ئي آهي“. سارنگ کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ٻئي ڏينهن تي هڪ شاگرد سان گڏجي سچل جي گهر ويو سچل کي هن گهمندي ڏٺو، پر پيٽ وڌيل هوس، سچل اچي هن سان مليو ۽ سچل جو پيءُ ۽ چاچا، ماما به اچي هن سان مليا.

سچل جي باري ۾ سچل جي پيءُ چيو ته:

”ماستر صاحب! ڪا مهل نه ڪنهن جهڙي، خدا کان لکيل هو، سارنگ ٻنيءَ تان پئي آيو ته ڏيکارو اچي ويس ۽ هينئر هي حال اٿس، گهڻا پير فقير ڀيٽيا اٿئون، پر ڪو به فرق ڪو نه ٿو ٿئي، هاڻ مالڪ ڪا مهرباني ڪريس، نه ته ٻچي جي حالت ڏاڍي خراب ٿي پئي آهي“.

اهي لفظ ٻڌي سارنگ سوچن ۾ گم ٿي ويو، هن کي سچل جي زندگي جھرندي محسوس ٿي، ٿڌو ساهه ڀري چيائين ”چاچا، سائين اهو ڏيکارو ٻيکارو ڪونهي پر بيماري آهي، ان لاءِ ڊاڪٽر کي ڏيکاريو“ سچل جي پيءُ ٺهه پهه چيو ”ماستر صاحب توهان پڙهيل ڳڙهيل زور آور آهيو، ڊاڪٽر کي به ڏيکاريو اٿئون، ڊاڪٽر چئي ٿو ته آپريشن ٿيندو، ڀلا آپريشن ۾ اسان جو ٻچو مري پوي ته. سارنگ سمجھائين چين ”چاچا اڄڪلهه اهو آپريشن تمام سولو آهي ۽ هن ۾ ڪو به نقصان ڪو نه پوندس“ سچل جي پيءُ ماستر ڏانهن ڏسندي چيو”ڀلا ماستر صاحب توکي ڇا ٿيو؟ هن ٽنگ ڏي اشارو ڪيس سارنگ اهي لفظ ٻڌي، ماٺ ٿي ويو، پوءِ مرڪندي چيائين، چاچا، مان به سچل جي عمر جيترو هوس ۽راند کيڏڻ جو ڏاڍو شوقين هوندو هوس، هڪ ڀيري هڪ بال اچي منهنجي پير ۾ لڳو، مون ڪو خيال ڪو نه ڪيو. پر اهو زخم ٿي وڌڻ لڳو ۽ايترو زخم ٿي پيو جو آئون هلڻ چلڻ جهڙو به نه رهيس ۽ مائٽ، ويچارا توهان وانگر هئا ٻهراڙي ۾ سو ڪڏهن ڇا پئي ٻڌائون ڪڏهن ڇا، آخر ۾ منهنجي ٽنگ ايتري خراب ٿي پئي جو مون سمجھيو ته هاڻ آئون مري ويندس ۽ مائٽن به مون مان آسرو پلي ڇڏيو هو، پر پوءِ ڀلو ٿئي، منهنجي هڪ دوست جو، جو ان ان جو پيءُ ڊاڪٽر هو، ان پيءُ سان ڳالهه ڪئي، جنهن مون کي اچي گهر ۾ ڏٺو ۽ اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ جو چيائين، پر مائٽن نه پئي مڃيو، مون گهڻو زور ڀريو مان. نيٺ مون کي اسپتال ۾ داخل ڪرايائون، ڊاڪٽر تنگ جو ڦوٽو ڪڍي ڏٺو، چيائين ته آپريشن ٿيندو مائٽ ته راضي نه پئي ٿيا، پر مان راضي ٿي ويس ۽ ضد ڪري بيٺس ته آپريشن مان ضرور ڪرائيندس نيٺ منهنجي ٽنگ جو آپريشن ڪيو ويو.

ڊاڪٽرن منهنجي ٽنگ جي خراب حصي کي ڪڍي ڇڏيو ۽ جي مان مهينو اڳ اسپتال ۾ داخل ٿيان ها ته اها ٽنگ ڪپائڻي به نه پوي ها، سڀ ماڻهو ڏاڍي ڏک ۾ ماستر صاحب جي ڪهاڻي ٻڌي رهيا هئا ۽ آخر ۾ سچل جي پيءُ چيو، سائين اوهان جو ٻچو آهي، جيئن سمجهه ۾ اچيوَ تيئن ڪيو.

سارئنگ مائٽن کي دلداري ڏيندي چيو ته ڪا به خراب ڳالهه ڪانهي، مان سڀاڻي سچل کي اسپتال وٺي ويندس ۽ توهان به هلجو. سچل جي ماءُ جو آپريشن جو ٻڌو ته روئڻ پٽڻ لڳي ۽ روئيندي سامان سڙو ٻڌڻ لڳي. ٻئي ڏينهن صبح جو سارنگ هنن کي ڳوٺ واري بس ۾ وٺي حيدرآباد ۾ اچي اسپتال ڀيڙيا ٿيا، اسپتال ۾ ماستر سارنگ جو هڪ ٻه ڊاڪٽر دوست سڃاڻو هئا. ڇو ته اهي سارنگ سان گڏ پڙهيا هئا. ان ڪري هنن کي داخلا ملڻ ۾ دير ڪا نه ٿي. ڊاڪٽر چڪاس ڪري چيو ته هن جو آپريشن ٿيندو. هنن چيو ته ٺيڪ آهي آخر ٻن ڏينهن کانپوءِ سچل کي آپريشن روم ۾ وٺي ويا.

سچل جا ماءُ پيءُ ٿورو سست ٿي ويا، پر سارنگ هنن کي دلداري ڏيڻ لڳو. سچل جي ماءُ هر هر پئي سارنگ کي چيو”ابا، منهنجي ٻچي کي تڪليف ته ڪو نه ايندي“.

سارنگ دلداري ڏيندي چيس ته امڙ، اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي، اڄڪلهه ته ماڻهو دل جو آپريشن به ڪرائين ٿا پيا. جو ڏکئي ۾ ڏکيو آهي. هي بيٺا هئا ته سچل کي ڏوليءَ ۾ کڻي آيا. سچل جي ماءُ پٽ ڏانهن وڌڻ لڳي، سارنگ روڪيندي چيس ”امڙ، هينئر ته هو نشي ۾ بيهوش آهي ۽ هينئر ڳالهائيندو ڪو نه جڏهن نشو لهندس ته پوءِ ڳالهائيندو“ ماءُ جي مامتا به عجيب آهي، ماءُ جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا، سچل جو پيءُ به سست هو، پر ماٺ ۾ هو، پوءِ ڊاڪٽرن سچل کي سيون وغيره هڻي بستري تي ليٽائي ڇڏيو ۽ هنن کي ٻڌايائون ته ٻارنهن ڪلاڪن تائين هن جو خيال ڪجو، متان جسم کي چوري ڦوري، ڇو جو تازا ٽانڪا لڳل آهن.

ٻئي ڏينهن سچل هوش ۾ آيو ۽ سڀني سان ڳالهايائين، ماءُ پٽ جو ڳالهائڻ ٻڌي باغ بهار ٿي ويئي ۽ ڊاڪٽرن کان وڌيڪ ماسترکي دعائون ڏيڻ لڳي. ڊاڪٽرن کي هن ٻن هفتن رهڻ جو چيو. ان لاءِ سارنگ ڊاڪٽرن کي پارت ڪري انهن کي اتي ڇڏي پاڻ اسڪول موٽي آيو. ۽ ڳوٺ ۾ اچي سچل جي چاچن مامن کي خير صلاح جي خبر ٻڌايائين.

ٻن هفتن کانپوءِ سارنگ وري موٽي ويو ۽ ڏٺائين ته سچل جو پيءُ ٻاهر در ۾ اکيون کپايون ويٺو هو. هن کي ڏسندي چيائين ته”ابا ماستر خدا ڪيو جو تون آئين، سچل ٻچو ته خوش ٿي ويو آهي ۽ ڊاڪٽر چيو آهي ته ڳوٺ وڃو، سارنگ جي منهن تي مرڪ تري آئي اچي سچل کي ڏٺائين سچل نوڙي استاد سان مليو. سچل جو وڌيڪ پيٽ هينئر پيٽن جهڙو پيٽ هو.

سچل جي امڙ سارنگ کي دعائون ڏيندي چيو ”ابا اسان جي اک تو پٽرائي نه ته منهنجو جگر جو ٽڪر مري وڃي ها، تون اسان جي لاءِ فرشتو ٿي آيو آهين، سارنگ صرف مرڪندو رهيو. ڊاڪٽر انهن کي وڃڻ جي اجازت ڏني. سڀ اچي ٻئي ڏينهن شام جو ڳوٺ ڀيڙا ٿيا. سچل جو پيءُ سارنگ جي نيڪي ڪندي نه پيو ٿڪجي. سڀ ڇوڪرا سچل کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ مائٽ عزيز به ڏاڍو خوش ٿيا ۽ سڀ ان جي تعريف جا ٻول ٻولڻ لڳا ته هي ماستر آيو آهي ته اسان جي ڳوٺ ۾ چار چنڊ لڳي ويا آهن ۽ جيڪي ڇورا رلندا هئا اهي هينئر پڙهن ٿا، ”هوند سڀ ماستر اهڙا هجن ته ڳوٺن ۾ تعليم سان گڏ تربيت به اعليٰ درجي جي ٿي وڃي“. اهي لفظ هڪ پوڙهي چيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

۽ چنڊ اجهامي ويو

           ڪافي ٻارن جي چهرن تي معصوم مرڪ هئي، هر ڪنهن پنهنجي دوست سان ڪپڙن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے