15 ہفتہ , دسمبر 2018

حيدرآبادي چٽڻي

13883859_556246331224006_2129770796_n

حيدرآبادي چٽڻي

شيون:

ساوا ڌاڻا (سنها ڪٽيل )هڪ ڳڙي، ڦودنو (سنها ڪٽيل )هڪ ڳڙي، ساوا مرچ 6 عدد، گدامڙي جو رس هڪ پيالي، زيرو (سڄو)هڪ چمچو،ڳاڙها مرچ (سڄا)3 عدد، ٿوم کلن سميت 4 ڳڙيون ،لوڻ ذائقي موجب

طريقو:

سڀ کان پهرين زيرو،ڳاڙها مرچ ۽ ٿوم تئي تي ڀڃو، پوءِ بلينڊر ۾ ساوا ڌاڻا، ڦودنو ساوا مرچ، گدامڙي جو رس ،پيٺل مصالحو ۽ لوڻ وجهي سٺي نموني بلينڊ ڪيو. ڪجهه منٽن ۾ مزيدار حيدرآبادي چٽڻي تيار آهي، توهان هن کي چانورن سان گڏ کائو ڀاڄيءَ جي ضرورت نه پوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

”سائي مصالي سان فرائي ٿيل جيرا “

شيون : جيرا هڪ عدد، ساوا مرچ پنج عدد، ساوا بصر  هڪ پاءُ ، ٽمٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے