19 پیر , نومبر 2018

ننڍڙو ٻار اوچي سوچ

Beautiful painting - A boy is playing in rain water.forblogچئو  طرف ماٺ  هئي، ائين پئي سمجهه ۾ آيو، ڄڻ پاڙي وارا لڏي ويا آهن، هر هڪ پنهنجي گهر ۾ ڊنو ويٺو هو، ڇهون ڏينهن هو جو لڳاتار برسات پي وسي، غريبن جا گهر پٽ پئجي ويا هئا، نفسا نفسيءَ جو عالم هو، هر هڪ کي پنهنجي جان بچائڻ جو فڪر هو، ننڍڙو سانول پنهنجي ڪچيءَ جاءِ ۾ ويٺو هو، سندس پيءُ ته ننڍي عمر ۾ ئي وفات ڪري ويو هو،باقي  ماءُ ۽ ٻه ڀينر هوس ، پراڻي وقت جي جاءِ جا هنڌان پئي ٽمي، تنهن کي بچائڻ لاءِ سانول سوچن ۾ هو، جتان ٿي جاءِ ٽمي اتي انهيءَ وقت ئي ڇار وڌائين، ننڍڙو ٻار اهڙي مصيبت ۾ به زهن کان ڪم وٺڻ  لڳو، ننڍڙي عمر ۾ هن جنهن  حال ۾ جاءِ کي بچايو، سا ڳالهه وسرڻ  جهڙي ته  ڪانهي، آڌيءَ جو به ڪوڏر هٿ ۾ کنيو، گهر جو پاڻي ٿي نيڪال ڪيائين، سانول جي امڙ به پٽ سان گڏ  واهه جي مدد ڪئي، ڀلا ننڍڙو گهر، جنهن  ۾ سواءِ ٻار جي ، جي ڪو مٽ نه هجي ته اتي ڪهڙو حشر ٿيندو، سانول جڏهن ڏٺو ته متان جاءِ ڪري پوي، ان لاءِ گهر ۾ پيل  پِيش جا ٺهيل  گڏا کڻي، مٿانهين جاءِ تي  ٿوڻيون، کوڙي ننڍڙو ڇاپرو ٺاهيانئين، پوءِ ماءُ ۽ ڀينرن جي مدد سان، گهر جو سامان اتي رکيائين، انهي دير ۾ ڪيترن ئي  ماڻهن  جا جهڳا جهڻ ٿي ڪري چڪا هوا، گهر ڊهي چڪا هئا، گهڻا ماڻهو سستي ۽ ڪاهليءَ ڪري، رڳو گهرن مان جان بچائي نڪتا هئا.

سانول پنهنجي محنت کي لڳو رهيو، سانول پنهنجي گهر کي ڪرڻ کان بچائي ورتو، جڏهن برسات بند ٿي وئي، تڏهن سڀڪو پنهنجي ڊٺل جاين کي  ڏسڻ لڳو ، پاڙي وارا پنهنجين جاين کي ڪريل ڏسي، سانول تي ساڙ کائڻ لڳا، هن هر هڪ کي چيو ته  ” ڀائو! مون ۽ امڙ گڏجي پنهنجي جاءِ کي بچايو  آهي، ڏسو جي اسين سستي ۽ ڪاهلي ڪري آرام ڪيون ها ته پوءِ اسان جي جاءِ به نه ڪري پوي ها.  ۽ ڪير اسان کي ٺهرائي ڏئي ها  اهي لفظ ٻڌي، سندس پاڙي وارا ڏاڍو شرمندا ٿيڻ لڳا ته هڪ ننڍڙي ٻار محنت ڪري پنهنجي جاءِ  کي بچايو آهي، پر اسان وڏن جي سستي ڪري اسان جا ڀونگا  ڍير ٿي ويا آهن، ننڍڙو سانول پنهنجي محنت تي ڏاڍو  خوش هو، جو اڄ سندس گهر سلامت هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

۽ چنڊ اجهامي ويو

           ڪافي ٻارن جي چهرن تي معصوم مرڪ هئي، هر ڪنهن پنهنجي دوست سان ڪپڙن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے