15 ہفتہ , دسمبر 2018

موبائل فون استعمال ڪندي روڊ پار ڪرڻ کان روڪيندڙ جديد ٽائل

mobielميلبورن (ع آ نيوز) آسٽريلوي ڪمپني اهڙا جديد ٽائل تيار ڪري رهي آهي، جيڪي موبائل فون استعمال ڪندڙن کي روڊ پار ڪرڻ نه ڏيندا. موبائل فون استعمال ڪندي گاڏي هلائڻ يا روڊ تي گهمڻ قانوني ڏوهه سان گڏوگڏ نقصانڪار عمل پڻ آهي، جنهن جي حل لاءِ آسٽريلوي ڪمپني ”اسمارٽ ٽيڪسٽائل پيونگ“ متعارف ڪرائي رهي آهي، جيڪو هڪ ٽريفڪ سنگل جيان ڪم ڪندو. روڊ تي لڳايل اهي ٽائل ڪئميرائن ۽ پاڻمرادي نظام سان لاڳاپيل آهن، جنهن سان ائين ٿيندو ته ڪو موبائل استعمال ڪندڙ ماڻهو روڊ جي ويجهو پهچندو ته اهي ٽائل ڦڪي روشني ظاهر ڪندا پر جيڪڏهن اهو ماڻهو ان عمل کي نظرانداز ڪري روڊ تي قدم رکندو ته ٽائلن مان ڳاڙهي رنگ جي تيز روشني خارج ٿيڻ لڳندي، جيڪا موبائل استعمال ڪندڙ کي ڇرڪائي ڇڏيندي. جرمني جي شهر ميونخ جي ڪجهه علائقن ۾ اڳ ئي اهڙا جديد ٽيڪنالاجي وارا ٽائل لڳي چڪا آهن، جيڪي موبائل استعمال ڪندڙن کي روڊ جي ويجهو اچڻ تي خبردار ڪندا آهن پر ان حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊرائيونگ يا روڊ تي پنڌ گهمڻ دوران موبائل فون جو استعمال نه ڪرڻ ئي ان مسئلي جو حل آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

انسٽاگرام پاران واٽسپ ايپ جهڙو نئون زبردسٽ فيچر

ڪيليلورنيا(ويب ڊيسڪ)انسٽاگرام صارفين لاءِ واٽس ايپ جي طرح آڊيو پيغام” وائيس ميسج“ جي سهولت متعارف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے