15 ہفتہ , دسمبر 2018

بصر اکين ۾ ڳوڙها آڻيندڙ قوت کان محروم

download (1)ٽوڪيو(ع آنيوز)  جاپاني ماهرن اکين ۾ ڳوڙها نه آڻيندڙ بصر پوکي ورتو. جاپن جي خابرو اداري مطابق عورتن کي روئاريندڙ بصر هاڻي کين روئاري نه سگهندو ڇاڪاڻ ته جاپان ۾ هائوس فوڊ گروپ جي ماهرن اهڙو بصر تيار ڪري ورتو آهي جيڪو عورتن جي اکين ۾ ڳوڙها آڻڻ جو سبب نه بڻجندو.  ماهرن ان بصر کي خوشي جو بال (سمائل بال) جو نالو ڏنو آهي ۽ ان جي تياري ۾ 20 سالن جي اڻٿڪ محنت لڳي آهي. ماهرن مطابق بصر ۾ هڪ اينزائم سبب اکين ۾ ساڙو ۽ ڳوڙها ايندا آهن تنهن ڪري ماهرن ان اينزائم کي ئي گهڻو ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي پر ان سان ڀاڄي جي معيار ۽ ذائقي تي ڪو فرق نه پيو آهي، مڪمل طور تي آلاڻ کان پاڪ بصر مان ڪا گئس خارج ناهي ٿيندي ۽ ان جو ذائقو به بهتر ڪيو ويو آهي. جاپاني سائنسدانن مطابق اها ٽيڪنالاجي واپاري پئماني تي استعمال لاءِ بالڪل تيار آهي پر هلندڙ بهار جي مند ۾ ان جو بقاعده آن لائن وڪرو شروع ٿي ويندو. شروعات ۾ آزمائشي طور 5 ٽن بصر مختلف دڪانن تي وڪرو ڪيو ويو ۽ ماڻهن ان جي گهڻي واکاڻ ڪئي. 2 ڪلو بصر جي قيمت اٽڪل 430 پاڪستاني روپيا آهي.37

هي به ڏسي سگهو ٿا

”سائي مصالي سان فرائي ٿيل جيرا “

شيون : جيرا هڪ عدد، ساوا مرچ پنج عدد، ساوا بصر  هڪ پاءُ ، ٽمٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے