21 اتوار , اکتوبر 2018

عوامي آواز : نيوز بليٽن

جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊئي چيو آهي ته قومي ڪارڪن کي کنڀي قومپرست سگهه کي ختم ڪرڻ واري ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي، 7 آگسٽ کان سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو
گهوٽڪي ويجهو ڏونگڙو واهه کي 30 فٽ گهارو لڳڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل لڙهي ويو، اطلاع باوجود آبپاشي عملدار نه پهتا، ڳوٺاڻ پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ جون ڪوششون
خانپور مهر ويجهو لَٺِ مائينر کي 50 فٽ گاهرو، ٽي ڳوٺ ٻڏي ويا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه
روهڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا
لاڙڪاڻي ۾ عورت هڪ ئي وقت تي چئن ٻارڙن کي جنم ڏنو، ٻار ۽ ماءُ صحتمند آهن: ڊاڪٽر

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | اسلام ڪوٽ ۾ نوجوان جي مايوسي ڪٿي دنگ ٿي؟ اذيت ڏيندڙ موت تي حيران ڪندڙ انڪشاف

ڳوٺ ڌرم جي ويري واسي نوجوان  جبل ميگهواڙ وڻ ۾ ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے