18 جمعہ , جنوری 2019

فيض گنج ۾ بيماري پٽ جي علاج لاءِ پورهيت پيءُ جي سرندي وارن کي ڳوڙها ڳاڙيندي اپيل

05فيض گنج(ن ع آ) فيض گنج جي شهر پڪاچانگ واسي پورهيت عبدالمجيد چنو پنهنجي 14 سالن جي ٻارڙي ساجد چنو کي ساڻ ڪري پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو ته سندس پٽ کي دل ۾ سوراخ آهي، هن چيو ته هوءَ گڏهه گاڏو هلائي پنهنجو ۽ ٻچن جو پيٽ گذر ڪندڙ آهي، هن چيو ته گهر جو سامان ۽ گهر واري جا ڳهه ڳٺا وڪڻي پٽ جو علاج ڪرايو پر ڪو به فرق نٿو اچي، پٽ جي علاج واسطي نوشهرو فيروز، نوابشاهه ۽ ٻين جڳهن تي علاج لاءِ ويو آهيان جتي ڊاڪٽر چون ٿا ته ٻارڙي کي دل ۾ سوراخ واري بيماري آهي جنهن جو ڪراچي ۾ علاج ممڪن آهي ۽ علاج مٿان لکين رپين جو خرچ ٻڌايو پيو وڃي، هن روئيندي چيو ته هاڻي گهر ۾ فاقا ڪشي واري صورتحال آهي پٽ جو علاج ڪرائڻ وس ۾ نه آهي، هن چيو ته ٻارڙي کي دل ۾ شديد سور پوي ٿو جنهن سبب اسان سڄي رات جاڳي گذاريون ٿا، هن حڪومت سنڌ ۽ ٻين وسوارن کان پنهنجي پٽ جي علاج ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آءِ جي سنڌ جي دهشتگردي جي خاتمي واري اسڪول جي قيام جي هدايت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) انسپڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ (آءِ جي سنڌ) ڊاڪٽر ڪليم امام هدايت ڪئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے