17 جمعرات , جنوری 2019

لاڙڪاڻي ۾ بهليم برادري جي ماڻهن جو زمين تي قبضي خلاف پاڪ ڪتاب کڻي مظاهرو

larkana -01لاڙڪاڻو(ن ع آ) لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي تعلقي ۽ سوڀوديرو جي ڪچي واري علائقن جي بهلم ذات جي عورتن ۽ مردن پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب سامهون 2 هزار جريب زمين تي هٿيارن جي زور تي قبضو ڪندڙ بااثر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي  بيواهه روشن خاتون، مائي مٺڻ خاتون، مائي ارشاد خاتون، الهڏنو، غلام سرور، عبدالمجيد ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيو ته اسان جا باقراڻي ۽ سوڀو ديرو تعلقي جي ڪچن وارن علائقن ۾ ڳوٺ آهن، جتي اسان جي 4 هزار ايڪڙ زرعي زمين ۽ ٻي ملڪيتون آهن، هنن الزام لڳائيندي چيو ته 2013ع ۾ اسان جي 2 هزار جريب زرعي زمين تي باقراڻي جي پ پ اڳواڻ الهه بخش انڙ قبضو ڪري روينيو عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري زمينن جا کاتا پنهنجي نالي تي ڪرائي ڇڏيا آهن، هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين اعليءِ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي زمينن تان قبضو ختم ڪرائي سندن قتل ٿيل همراهه جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

متحده جي فلاحي اداري جي زمينن بابت اهم انڪشاف سامهون اچي ويا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري خدمت خلق فائونڊيشن جي خلاف مني لانڊرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے