17 ہفتہ , نومبر 2018

داد لغاري ڀرسان ڳوٺاڻن جو پوليس جي ڏاڍاين خلاف مظاهرو

07داد لغاري(ن ع آ) داد لغاري ويجهو لشڪر پٽ جي رهواسڻ عارفه ڌي محمد عارف ميراڻي ڏهه ڏينهن اڳ پنهنجي پريمي ساجد علي پٽ حاجي محمد مڱڻهار سان پيار جي پرڻي ڪرڻ لاءِ گهران نڪري صادق آباد جي سيشن ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هو جنهن تان ميراڻي برادري ۽ مڱڻهار برادري ۾ تان ڇڪتاڻ پيدا ٿي ويئي آهي پريميڪا جي وارثن بشير احمد ميراڻي،محمد عارف ميراڻي ۽ صدر ميراڻي داد لغاري ۽ جروار پوليس جي مدد سان پريمي ساجد علي ۽ ان جي مائٽن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ميراڻي برادري مختلف برادرين جي بااثرن کان دٻاءُ وجهرائي مڱڻهار برادري کي ڳوٺ مان لڏي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏياري رهيا آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي ڏاڍائين خلاف قدم کڻي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ داد لغاري ۽ جروار پوليس ۽ ميراڻي برادري جي ڏاڍائين خلاف هو عدالت جو در کڙڪائيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن جو دائرو وڌايو ويندو: وسيم اختر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ميئر ڪراچي وسيم اختر چيوآهي ته ڪراچي ۾ حددخلين خلاف جاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے