21 پیر , جنوری 2019

تيز برسات سبب نئين گاج 14 فٽ وهي آئي، ڊرگهه بالا جي ڳوٺن جو شهرن سان رابطو ڪاٽا

10ڊرگھه بالا(ن ع آ) ڊرگھھ بالا لڳ کيرٿر جبلن مٿان برسات پوڻ ڪري ٽيھر نيئن گاج  14 فٽ وھي اچڻ ڪري  علائقي جا 50 کان وڌيڪ  ڳوٺن جا  ڊرگھه بالا ٺٻائي لنڊ، راڄو ڳنڊو،  فقير محمد لنڊ، جعفر خان لنڊ، سونو جمالي گزياڻي لنڊ، ڪنڊو ٻٻر، اسماعيل لغاري، پراڻي، موسي خان لنڊ، محمد حسن گرماڻي، بھاول ٻٻر، سڄڻ جي پئي، واھي برادي ۽ ٻين ڳوٺن جو دادو ۽ جوھي سان زميني  رابطو ڪٽجي ويو.  جنھن سبب علائقي واسين سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيئڻ لڳا. علائقي واسين  عنايت لغاري. غلام سرور ڏاھري. قاسم کچي. احمد کچي. وزير لغاري. رمضان ساند. مختيار لنڊ. ملوڪ برھماڻي. ھاشم برھماڻي. عزيزلنڊ ۽ ٻين چيو تھ نيئن گاج مٿان ٺھندڙ پُل جو ڪم رولڙي جو شڪار آھي، جنھن سبب علائقي واسي سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيئي رھيا آھن۔

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف پنجاب کي پوليس اسٽيٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي: بلاول

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے