16 منگل , اکتوبر 2018

”بلائينڊ لَو“ پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ جي ترقي ۾ سٺي واڌ

13198524_1295759260451485_6785026909398259347_oڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي اڀرندڙ فلم انڊسٽريءَ ۾ هڪ وڌيڪ اضافو تازو رليز ٿيل فلم ”بلائينڊ لو“ جي صورت ۾ ٿيو آهي. ڳري بجيٽ ذريعي ٺاهيل فلم ڏسندڙن کي مايوس ناهي ڪيو. فلم ڏسڻ دوران توهان ان جي خاتمي جو اندازو نٿا لڳائي سگهو. فلم ۾ تيزي سان مَٽجندڙ صورتحال توهان کي پنهنجي جادو ۾ جڪڙي رکي ٿي ۽ اها عام فلمن کان مختلف آهي. پرويز ڪليم جي لکيل ڪهاڻي لاهور شهر جي ٽن دوستن تي ٻڌل فلم آهي، جيڪي لاهور جي سڀ کان وڏي بئنڪ ڦرڻ جو منصوبو جوڙيندا آهن. فواد جلال، جيڪو فلم ۾ انسپيڪٽر جو ڪردار نڀائي رهيو آهي، ڄاڻايل واردات جي جاچ شروع ڪري ڇڏيندو آهي. بئنڪ مان ڦر ته ڪاميابي سان ٿي ويندي آهي پر فلم جي هيرو دانيال (ياسر شاهه) فلم جي هيروئن سارا (نمرا خان) کي غلطي سان انڌو ڪري ڇڏيندو آهي. دانيال کي سارا جون اکيون وڃائڻ تي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي، جنهن کانپوءِ هو سندس وڃايل اکيون واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. دانيال ڪيترو سارا جي ويجهو ايندو آهي، اهو ته توهان کي فلم ڏسي خبر پوندي. فلم ۾ ولن بابا (عامر قريشي) پنهنجي تجربي جو فائدو وڻندي ڇانيل هوندو آهي، جنهن لکيل ڊائلاگ خوبصورتي سان ادا ڪيا آهن، جيڪي ڏسندڙن جي مُنهن تي مُرڪ وکيرڻ جو سبب ۽ متاثر ڪندڙ رهيا. اڄڪلهه آئٽم سانگ کانسواءِ به فلم اڻپوري لڳي ٿي، جيڪڏهن اهو آئٽم سانگ مٿيرا ڪري رهي هجي ته ڏسندڙن جو اک ڇنڀڻ ڏکيو هوندو آهي. مٿيرا آئٽم نمبر ” بٽر جواني“ ۾ پنهنجون خاص ادائون ڏيکاري ان کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن، جنهن وقت فلم ۾ ماحول ”ٿرٿلي“ سان ڀريل هوندو آهي، ان وقت مٿيرا ٻيهر پنهنجي فن ذريعي فلم کي تڙڪو لڳائي ڇڏيندي آهي. فلم جو هڪ گيت ”جانا“ پاڪستان جي اترين علائقن ۾ عسڪبند ڪرايو ويو آهي. خوبصورت منظرن تي فلمايل اهو گيت ڏسندڙن کي اک ڇنڀڻ جو موقعو به نٿو ڏئي. فلم ۾ دانيال جي غلطي ۽ سارا جي انڌي عشق جو انجام به ڏسڻ جوڳو آهي. فلم جي ڪاسٽ ۾ ياسر شاهه (هيرو)، نمرا خان (هيروئن)، عامر قريشي، فواد جلال ۽ عمران بخاري سميت ٻيا اداڪار شامل آهن، جڏهن ته فلم جو اسڪرپٽ پرويز ڪليم لکيو آهي ۽ هدايتڪاري فيصل بخاري ڪئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Mt. Tee Tikha took over in India, some films rolled out

ڀارت ۾ مي ٽو تحريڪ زور وٺي وئي، ڪيئي فلمون رولڙي جو شڪار

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ ۾ اڄ ڪلهه مي ٽو تحريڪ زور ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے